شيخ عبدالستار برهانپوري

شيخ، عبدالستار برهانپوري: هي عالم شيخ عبدالستار مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله جو وڏو پٽ آهي. سندس ولادت 983ھہ/ 1575ع ۾ ٿي. ابتدائي تعليم ملا احمد وٽان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ شيخ طاهر جي مدرسي ۾ حديث ۽ تفسير لاءِ ويٺو، پر 1004ھہ/ 1595ع ۾ شيخ طاهر جي انتقال کانپوءِ هن جي تعليم جي ذميداري خود شيخ عيسيٰ جندالله کنئي. 1009ھہ/ 1600ع ۾ برهانپور کي اڪبر جي فوج فتح ڪيو، جنهن بعد اڪبر هتان چونڊي چونڊي وڏي پايي جا صوفي ۽ مشائخ پاڻ سان گڏ آگري وٺي ويو. انهي واقعي بعد برهانپور تاراج ٿي ويو. اڪبر مسيح الاولياء عيسيٰ جندالله کي بہ پاڻ سان وٺي ويو. عيسيٰ جندالله جي غير موجودگيءَ ۾ شيخ عبدالستار خاندان جي ڪاروبار کي سنڀاليو ۽ گڏوگڏ خانقاھہ ۽ مدرسي جي بہ سرپرستي ڪندو رهيو. 1031ھہ/ 1621ع ۾ شيخ عيسيٰ جندالله وفات ڪئي ۽ ترت شيخ عبدالستار بہ هن جھان مان رحلت ڪئي. تاريخ ۾ سندس وفات جي تاريخ ڄاڻايل نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو