
شيخ عبدالمجيد الامجد
شيخ، عبدالمجيد ‘الامجد’: نامور عالم، مولوي شيخ عبدالمجيد گلاباڻي ولد شيخ ڄام عبدالرحمان سنڌي 19 جون 1924ع تي ڳوٺ عبدالتڪي، چڪ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس والد گلاباڻي شيخ قبيلي جو رئيس ۽ چڱو مڙس ۽ درويش صفت انسان هو. شروعاتي تعليم پنھنجي والد کان ورتائين ۽ ڪجهہ تعليم جامي قبو لڳ رستم، ضلعي شڪارپور مان بہ حاصل ڪيائين. مذهبي تعليم سکر ۽ ٺيڙهي وارن مدرسن مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ منطق ۽ فلسفي جي تعليم ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻ قمبر شھدادڪوٽ) ۽ گهوٽڪي جي مشھور مدرسن مان حاصل ڪيائين. ڪجهہ وقت روحاني تعليم حافظ محمد صديق ڀرچونڊي کان حاصل ڪيائين، جتي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رحه سان سندس ملاقات ٿي، جنهن جي صحبت ۾ رهي تصوف، فلسفي ۽ سياسي علمن تي عبور حاصل ڪيائين. مولانا سنڌيءَ سان اهڙي تہ عقيدت ٿي ويس، جو ان جي نقش قدم تحت پنھنجي اٿڻ ويهڻ ۽ عمل کي اختيار ڪيائين ۽ سندس عملي شاگرد ٿي رهيو. مولانا سنڌيءَ جي بيماريءَ واري وقت تمام گهڻي خدمت ڪيائين.
مولوي عبدالمجيد سانگهڙ سميت سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ استاد ٿي رهيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائين، سندس همعصر عالمن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا عزيز ﷲ جروار،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي وغيرہ قابل ذڪر آهن. المصطفيٰ سنڌي ٽائيپ رائيٽر جو نمونو ۽ نسخو مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي معرفت ان وقت جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي. سيءَ کي فراهم ڪيائين، جنهن پوءِ جرمني مان المصطفيٰ سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺهرايا. اهڙي سنڌي ٽائيپ رائيٽر جي نموني ۽ قديم نسخي جو مالڪ بہ مولوي عبدالمجيد ‘الامجد’ گلاباڻي سنڌي ئي آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وي. سي سيد غلام مصطفيٰ شاھہ کي اهو فراهم ڪري هڪ يادگار ڪم ڪيو. 1964ع ۾ قادن شاھہ بخاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان شاھہ لطيف رحه جي خاص خليفي تمر فقير تي مونو گراف لکي سند ورتي. انهيءَ تحقيق دوران قادن شاھہ مولوي عبدالمجيد سنڌيرحه کان تمر فقير جي مزار جي ڪتبي جي صحيح پڙهڻي ۽ وفات تي سال ڪڍڻ ۾ رهبري ۽ رهنمائي حاصل ڪئي، جنهن جو اعتراف خود سيد قادن شاھہ پنھنجي تحقيقي ڪتاب ’تمر فقير جو ڪلام‘ جي مهاڳ ۾ پڻ ڪيو آهي. اهڙي طرح مختلف علمي ادبي حلقن جي رهنمائي ڪندو رهيو. پير جهنڊي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي رهائش ۽ مدرسو هو، جنهن ۾ درس تدريس سان گڏ انقلابي تحريڪون هلائيندو هو ۽ قرآني تفسير لکرائيندو هو، جنهن جو ڪاتب خاص مولوي الشيخ عبدالمجيد الامجد سنڌي هو. سندس ڪتابت ۽ خوشخطيءَ کان امام انقلاب عبيدالله سنڌيرحه بيحد متاثر هو، جنهن قرآني تفسيرن لکڻ تي کيس معمور ڪري ڇڏيو هو. مولانا عبدالمجيد الامجد سنڌيءَ کي سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين تي تمام گهڻي مهارت ۽ دسترس هوندي هئي، جنهنڪري کيس ‘غيات الغات’ يعني لغت جو ماهر پڻ سڏيو ويندو هو. آخر ۾ هن مثاني جي تڪليف سبب 1997ع ۾ 73 سالن جي عمر ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ وفات ڪئي. کيس ڪنڌڪوٽ شھر جي قبرستان جمن شاھہ ۾ جاءِ ڏني وئي. کيس چئن پٽن جو اولاد آهي. سندس وڏو پٽ شيخ عبدالوهاب گلاباڻي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي.
1924.06.19 عيسوي
نامور عالم، مولوي شيخ عبدالمجيد گلاباڻي ولد شيخ ڄام عبدالرحمان سنڌي 19 جون 1924ع تي ڳوٺ عبدالتڪي، چڪ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.