شيخ عبدالهادي

شيخ، عبدالهادي (مدرس): شيخ عبدالهادي جو هندو مذهب ۾ نالو چولارام ولد آسودو مل هو. سندس تعلق ٿاڻي بولا خان سان هو. آسودي مل جو خاندان شوالي مندر جو چاٻي بردار هوندو هو. انهيءَ ڪم ۾ عبدالهادي پنھنجي پيءُ جو هٿ ونڊائيندو هو. مندر جي صفائي، سار سنڀال ۽ ياترين جي خدمت سندس ذمي هوندي هئي. روزگار سانگي پڊعيدن لڏي وڃي ويٺو، جتي ٻہ ٽي سال رهي پوءِ جهول ضلعي سانگهڙ ۾ پنھنجي ڀيڻويي وٽ ويو ۽ سندس دڪان تي ڪم ڪرڻ ۽ سندس ماني ٽڪي پچائڻ لڳو. پاڻ پڊعيدن ۾ رهڻ دوران حاجي محمد صالح شر جي صحبت ۾ رهيو. 1973ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي مولانا محمد قاسم مشوريءَ جي هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيو، جنهن مٿس عبدالهادي نالو رکيو. اهڙيءَ طرح سندس ٻئي ڀاءُ لڏڻ داس پڻ ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪيو، جنهن جو نالو اڪرم رکيو ويو. ان بعد ٻئي ڀائر پڊعيدن ۾ رهيا. ان بعد عبدالهادي اصل حقيقت تائين پڄڻ لاءِ جاکوڙڻ لڳو، ڪتابن جي مطالعي کان وٺي درگاهن ۽ خانقاهن سان پڻ لاڳاپيل رهيو ۽ ديوبندي مسلڪ کان متاثر ٿيو ۽ عبدالله شاھہ بخاريءَ کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري، سندس صحبت ۾ رڱجي ريٽو ٿيو ۽ اسلام جي ڦهلاءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيائين. هن دوستن جي تعاون سان 1977ع ۾ علي آباد ۾ مدرسہ صديقيه جو بنياد وڌو. 1979ع ۾ ڀنگو بھڻ ۾ مدرسہ فاروقيه ۽ 1995ع ۾ چانهين ويجهو مدرسہ حيدريه قائم ڪيائين، پڊعيدن ويجهو محمديه مدرسو، ڳوٺ حسن مالڪ ۾ مدرسہ نعمانيه، امن ويجهو ڳوٺ يار محمد ۾ مدرسو، ڳوٺ خير محمد شر ۾ مدرسو ۽ ڳوٺ محمد رمضان جيهو لڳ تيتري ۾ اشرفيه مدرسو قائم ڪيائين. هنن مدرسن ۾ سڄي سنڌ جي شاگردن جو وڏو تعداد ديني علم حاصل ڪري رهيو آهي. سندن تعليم ۽ ڪفالت مدرسي جي ذمي آهي. هي مدرسا ماڻهن جي مالي سهڪار سان هلي رهيا آهن. عبدالهادي شيخ پڊعيدن جو سٺو واپاري پڻ آهي. شھر ۾ سندس چانورن جو واپار عام جام آهي.


لفظ شيخ عبدالهاديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو