شيخ عبدالواحد علامہ

شيخ، عبدالواحد، علامہ: شيخ عبدالواحد ٿريچاڻي دٻي ۾ مولوي عبدالحميد جي گهر 1917ع ڌاري ڄائو. مختلف مدرسن مان ديني تعليم حاصل ڪيائين، ڪتابت جي فن جو ماهر، خوش خط ۽ عربي توڙي فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن هر موضوع تي لکيو ۽ ترجما ڪيا. هن 47 ڪتاب لکيا، جن مان ڪيترائي ڇپيل آهن. ان کان سواءِ 21 ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيل اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘تذڪرة الاولياءَ’، ‘جديد مسائل جنازه’، ‘سنڌي ذاتيون’، ‘حجةالمومنين’ ۽ ‘ارشادات نبوي’ شامل آهن. هن 15 مارچ 2009ع تي وفات ڪئي. پروفيسر عبدالجبار شيخ سندس فرزند آهي، جيڪو علم ۽ ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو