شيخ، عبدالوهاب: ميرڪ خاندان سان تعلق رکندڙ شيخ عبدالوهاب، شيخ محمود ثانيءَ جو ڀائٽيو هو، جيڪو مرزا شاھہ بيگ ارغون جي سنڌ تي قبضي بعد ٺٽي ۾ شيخ الاسلام مقرر ٿيو. ميرڪ شيخ عبدالوهاب 950ھہ/1543ع ۾ مرزا ڪامران پاران مرزا شاھہ حسن ارغون وٽ سنڌ ۾ وڪيل ٿي آيو. مير معصوم بکري شيخ عبدالوهاب کي طب ۾ ‘در علم طب ڪامل مهارت داشت’ يعني طب ۾ ڪماليت جي حد تائين ماهر لکيو آهي. هيءُ 990ھہ/1582ع ڌاري وفات ڪري ويو.