شيخ، عبدالڪريم سنڌي: شيخ عبدالڪريم آزاديءَ جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جو ننڍو ڀاءُ هو. ننڍي وهيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو هئائين. پاڻ اڃا سورهن سالن جو مس هو ته ان وقت انگريز ترڪن تي ظلم ڪري رهيا هئا ۽ طرابلس ۾ مسلمانن تي تمام گهڻو ظلم ٿيو. جڏهن اهي ڳالهيون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون، تڏهن شيخ عبدالڪريم رهي نه سگهيو ۽ وڏي ڀاءُ شيخ عبدالرحيم کي چيائين ته آئون گورن طرفان ٿيندڙ ظلم سهي نٿو سگهان، مون کي منهنجو ايمان ويهڻ نٿو ڏي. شيخ عبدالرحيم پنهنجي ڀاءُ جي خيالن کي ڏسي مولانا محمد علي جوهر سان صلاح مصلحت لاءِ دهلي هليو ويو. مولانا محمد علي صلاح ڏنس ته انهيءَ نوجوان کي ٻاهر موڪليو وڃي نه ته هو هتي کلم کلا باهه ٻاري ڏيندو. اهڙيءَ طرح کيس افغانستان موڪليو ويو، پر هو اتي به صبر نه ڪري سگهيو، اتان سڌو ترڪيءَ پهتو. جتي فوج ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ 1912ع ۾ طرابلس ۾ وڙهندي وڙهندي سترهن سالن جي عمر ۾ شهيد ٿيو. هيءُ سنڌ جو اهو پهريون نوجوان هو، جنهن ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ وڙهندي شهادت جو جام پيتو. ان وقت تائين برصغير جو ڪو ليڊر جيل ۾ به نه ويو هو.