شيخ عزت ﷲ ٺٽوي : عزت ﷲ هڪ فاضل عالم ۽ عاقل زمانه بزرگ ٿي گذريو آهي. هن جي ولادت 1108ھہ/ 1696ع ۾ ٿي. جيئن تہ هو شاعر بہ هو، اُن ڪري پنھنجي ولادت جي تاريخ جو سال هيٺئين فقري مان ڪڍيو اٿس. ”عزت ﷲ مدام باعزت“. هو پنھنجي عقلمندي ۽ مناسب مشوري ۽ راءِ سبب ٺٽي ۽ ٻين صوبن جي اميرن وٽ هميشہ عزت حاصل ڪندو رهيو. گهڻو ڪري ٺٽي جي حاڪمن پاران بادشاهن يا گورنرن جي درٻارن ۾ وڪالت جو ڪم نهايت سھڻي نموني سرانجام ڏيندو هو. بعضي ڪن حاڪمن جي جاءِ تي سندن نائب طور ملڪي مهمون سرانجام ڏنائين. آخر هو ٺٽي مان هڪ دفعي سورت بندر وڃي پهتو جتي صفدر خان سورت جي حاڪم کيس پنھنجي سنگت لاءِ منتخب ڪيو. عزت ﷲ اتي رهي پنھنجي تدبير سان اهڙا سياسي مسئلا حل ڪيا، جو وڏا وڏا عقلمند حيران رهجي ويا. 58 سالن جي ڄمار ۾ پنھنجي وطن ٺٽي ۾ وفات ڪيائين.