شيخ، علي سيوستاني: هي بزرگ قلندر لعل شھباز جي سير ۽ سفر دوران بہ ساڻس گڏ هو. جڏهن قلندر لعل شھباز سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي تہ پاڻ بہ ساڻس گڏ هتي رهي پيو. شيخ علي جناب دحيته الڪلبي صحابي سڳوري جي اولاد مان آهي. هن جي سنڌ ۾ سمن مان شادي ٿي، جنهن مان کيس ٻہ فرزند پيدا ٿيا: شيخ اسحاق ۽ شيخ آهندو. انهن ٻنهين جو اولاد ئي لعل شھباز جي درگاھہ جا متولي ۽ مجاور ٿيندا اچن ٿا. ڇو تہ شيخ علي، لعل شھباز جي وفات کانپوءِ سندس جاءِ نشين ۽ متولي هو. شيخ علي جو دستور هوندو هو تہ جو ڪجهہ بہ درگاھہ تي ايندو هو تہ ا هو سڀ ڪجهہ مسافرن ۽ درويشن کي کارائي ڇڏيندو هو. پنھنجي عيال کي توڪل تي رهڻ جي تلقين ڪندو هو. هن جي وفات جو وقت جڏهن ويجهو آيو، تڏهن پنھنجي اولاد کي سڏائي وصيت ڪيائين تہ درگاھہ جي آمدني ۾ طمع نہ رکجو ۽ نہ پنھنجي ملڪيت سمجهي، ان کي کائجو، پر مسافرن ۽ مسڪينن جو قوت بڻائجو. پاڻ 21 شعبان سن 687 هجري مطابق 26 سيپٽمبر 1288ع ۾ وفات ڪري ويو. پر ڏهين صدي هجري تائين (شاھہ حسن ارغون جي حڪومت تائين) شيخ علي جو اولاد ئي درگاھہ جو گادي نشين رهيو. کاٻڙوٺي ۽ لڪياري سيدن جو قبضو پوءِ ٿيو، جو اڄ تائين قائم آهي.