شيخ عمر شھاب الدين سھروردي: شيخ الشيوخ عمر شھاب الدين السهرورديءَ جي ولادت 21 رجب المرجب 539ھہ/ 24 جنوري 1145ع ۾ ايران جي شھر سهرورد ۾ ٿي. سهرورد جو ڳوٺ زنجان صوبي ۾ سلطانيه جي ڀرسان آهي، جنهن کي هن وقت قزاقش جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. قزاقش جو شھر سهرورد جي قديم ڳوٺ جي آثارن جي مٿان اڏيو ويو آهي. شيخ عمر شھاب الدين جي والد جو نالو شيخ محمد هو. ڪنهن زماني ۾ سندس وڏا عراق مان لڏي اچي هن ڳوٺ ۾ ويٺا هئا. عالم ۽ همعصر تاريخون (چوٿين صدي هجري) کيس حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ جي اولاد مان هجڻ تي متفق آهن.
سندس خاندان سندس ٻالڪپڻي دوران بغداد ۾ لڏي اچي ويٺو. جتي سندس تربيت۽ تعليم سندس چاچي ضياءُالدين ابو نجيب ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هي اڃا ڇھن مهينن جو هو تہ سندن والد شيخ محمد کي سهرورد ۾ شھيد ڪيو ويو. شيخ ابو نجيب ظاهري توڙي باطني علمن ۾ سندس رهنما ۽ استاد هو. ان کان سواءِ سندس استادن ۾: ابو الفتح الطائي محمد بن الهمداني (555ھہ/ 1160ع ۾ وفات)، حافظ مظفر هبته ﷲ بن احمد الشبلي (وفات 555ھہ/1160ع)، اصفهان ابو احمد معمر بن عبدالواحد بن نافر القريشي (وفات 564ھہ/ 1168ع)، ابو الفتح محمد بن عبدالباقي (وفات 564ھہ/ 1168ع) مشھور آهن. هي سمورا بزرگ پنھنجي وقت جا وڏا عالم، مفسر ۽ محدث هئا، جن کان شيخ عمر شھاب الدين فقھ جي تعليم ورتي. سندس بيعت جو روحاني سلسلو ٻارنهن واسطن سان حضرت علي ڪرم ﷲ وجهہ کان ٿيندو رسول پاڪ تائين پهچي ٿو.
حضرت جنيد بغداديرح کان فيض ورتل چئن بزرگن شيخ ابوبڪر شبلي، شيخ احمد رديم، شيخ علي رود باري ۽ شيخ ممشاد هئا. انهن مان شيخ ممشاد کان شيخ احمد اسود رح (وفات 340ھہ/951ع) ۽ ان کان شيخ الشيوخ عمر شھاب الدين جي جد امجد ابو محمد عبدالله المعروف عمويه فيض ورتو. جڏهن تہ شيخ ابوبڪر شبليءَ کان شيخ عبدالقادر جيلانيرح ٽن واسطن سان فيض ورتو. ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ سھروردي ۽ قادري سلسلن جي روحاني نسبت هڪ ئي آهي. ٻنهي سلسلن جا باني نہ رڳو همعصر آهن، بلڪہ ٻئي سلسلا هڪٻئي سان روحاني عقيدت پڻ رکن ٿا. شيخ الشيوخ عمر شھاب الدين السهروردي کي حضرت غوث اعظم رضہ کان فيض طريقت حاصل هو. مگر بيعت جو شرف کين پنھنجي چاچي ابو نجيب عبدالقاهر سھروردي کان مليو. اڪثر تذڪره نگار ان ڳالھہ تي متفق آهن تہ شيخ الشيوخ عمر شھاب الدين کي ‘علم ڪلام’ سان گهڻو لڳاءُ هو. علم ڪلام جو جنم عالم اسلام ۾ انهيءَ وقت ٿيو. جڏهن يوناني ۽ ايراني علمن جا ذخيرا عباسي دور ۾ عربي ٻولي ۾ ترجمو ٿيڻ لڳا. ان سان اسلامي عقيدن تي پڻ نڪتہ چينيءَ جا در کليا. جنهن جي جواب ۾ مسلمان عالمن پڻ فلسفي جو مطالعو شروع ڪيو ۽ انهن تي ٿيندڙ حملن جا جواب ڏنا. قلم جي انهي ڏي وٺ کي ‘علم ڪلام’ جو نالو ڏنو ويو. خود شيخ الشيوخ عمر شھاب الدين السهرودي اوائلي ڏينهن ۾ انهيءَ قسم جي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪيو، کيس انهي علم تي جيڪو ملڪو حاصل ٿيو، ان جو اندازو سندس تصنيفن ‘رشف النصائح’ ۽ ‘اعلام الهديٰ’ مان ٿئي ٿو. جيڪي هن علم الڪلام جي حامين جي رد ۾ لکيون. ‘رشف النصائح’ جو سنڌي ترجمو پڻ سندس اولاد مان مخدوم سليم ﷲ صديقيءَ جي ڪوششن سان ڇپائيءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي.
سيدنا غوث اعظم رضہ جي 562ھہ/ 1166ع ۾ وفات کان پوءِ بغداد ۾ ماڻهن حضرت شيخ ابونجيب السهرورديءَ ڏانهن رجوع ڪرڻ شروع ڪيو، پر اڃا هڪ سال ئي مس گذريو تہ 563ھہ/1167ع ۾ شيخ ابو نجيب بہ وصال ڪري ويو، جنهن بعد روحاني مسند ۽ رشد و هدايت لاءِ ماڻهن شيخ الشيوخ عمر شھاب الدين ڏانهن رجوع ڪيو. پاڻ سلسله سهرورديءَ کي هڪ اهڙي انداز ۾ متعارف ڪيائين، جو ماڻهن جي ٽولن جا ٽولا ان ۾ شامل ٿيندا ويا ۽ هدايت وٺندا ويا.
شيخ الشيوخ مريدن جي تربيت کان سواءِ ‘علم الحديث’ جو درس پڻ ڏيندو هو. سندس شاگردن ۾ جيڪي نالا سامهون اچن ٿا، اهي پنھنجي وقت جا وڏا محدث ٿي گذريا آهن، جيئن وقت جو مورخ عمر محمد بن محمود ابن نجار بغدادي وفات 643ھہ/ 1245ع مورخ عراق، ابو عبدالله محمد بن سعيد بن يحييٰ الربيشي (وفات 637ھہ/ 1239ع) محدث عراق ابن نقطہ ابوبڪر محمد بن عبدالغني بغدادي (وفات 629ھہ/1231ع) وقت جو وڏو محدث قطب الدين محمد بن احمد بن علي قسطلاني (وفات 686ھہ/ 1287ع). خليفي ابو جعفر منصور المستنصر بالله جي زماني تائين حڪمران خليفا کين مختلف موقعن تي اهم سفارتي ذميواريون پڻ ڏيندا رهيا. مولانا روم جي والد بهاءُالدين محمد بلخي روم ملڪ ڏانهن ويندي جڏهن بغداد پهتو تہ شيخ عمر شھاب الدين سندس استقبال ڪيو. ان کان سواءِ جڏهن خوارزم شاھہ 614ھہ/ 1217ع ۾ خليفي ناصرالدين جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ فوجون وٺي بغداد تي چڙهائي ڪيائين تہ بہ شيخ عمر شھاب الدين کي سفارتڪاري لاءِ موڪليو ويو، جيڪو خوارزم شاھہ کي واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙي طرح روم جي سلجوقي سلطان علاوالدين ڪيقباد سان ٽي ڀيرا سفير جي حيثيت ۾ ملاقاتون ڪيائين.
شيخ الشيوخ کي شعر و شاعري سان پڻ لڳاءُ هو. پاڻ عربي ۽ فارسي ۾ ڪجهہ شعر چيو اٿس. ابن خلڪان پنھنجي ڪتاب ‘وفيات الاعيان’ ۾ سندس اٺن شعرن جو انتخاب پيش ڪيو آهي. اهڙي طرح ڪتاب ‘هفت اقليم’ ۾ امين احمد رازي سندس چار فارسي رباعيون آنديون آهن. شيخ الشيوخ جي لاتعداد معتقدن ۾ بعض فارسيءَ جي جڳ مشھور شاعرن جا نالا پڻ اچن ٿا، جيئن خلاق المعاني ڪمال الدين اسماعيل اصفهاني ۽ شيخ سعدي رحمةالله بيحد مشھور آهن.
شيخ الشيوخ جا ڪيترائي خليفا ٿي گذريا آهن، جن مان اڪثر وقت جا ولي هئا، انهن مان چند جو ذڪر ڏجي ٿو: شيخ نجيب الدين علي برغش، شيخ نور الدين مبارڪ غزنوي، خواجہ عثمان هاروني، شيخ ضياءُالدين رومي، ظھيرالدين عبدالرحمان شيرازي، شيخ جلال الدين تبريزي، قاضي حميد الدين ناگوري، مخدوم نوح بکري رحمت ﷲ عليه، حضرت شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني رحمة ﷲ عليہ. سنڌ سان واسطو رکندڙ شيخ نوح بکري رحمت ﷲ عليہ حضرت شيخ عمر شھاب الدين السهرورديءَ جو وڏو خليفو هو. هن وقت تائين معلوم خليفن ۾ هيءُ سھروردي سلسلي جو پهريون خليفو هو، جيڪو سنڌ۾ آيو. پنھنجي مرشد جي حڪم موجب تبليغ ۽ سھروردي سلسلي جي اشاعت لاءِ بکر ۾ اچي رهيو. مخدوم نوح بکريءَ کانپوءِ شيخ بهاءُالدين ذڪريا ملتاني حج کان واپسيءَ تي عمر شھاب الدين سهرورديءَ جو بغداد ۾ اچي مريد ٿيو. ڪجهہ ڏينهن رهي خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. جڏهن ملتان وڃڻ جي اجازت گهريائين تہ مرشد حڪم ڪيس تہ “منهنجي مريدن مان هڪ هدايت ۽ رشد وارو مريد شيخ نوح آهي، جيڪو سنڌ جي شھر فرشته (بکر جو پراڻو نالو) ۾ رهي ٿو. ان سان ضرور ملاقات ڪجو. ڇو تہ هو ڏيئو، وٽ ۽ تيل پاڻ مون وٽ کڻي آيو هو، جنهن کي فقط روشن ڪرڻ جي دير هئي.” مگر حضرت بهاءُالدين جڏهن اتي پهتو تہ شيخ نوح اڳ ئي وصال ڪري چڪو هو، سندس زيارت گاھہ بکر قلعي ۽ ريلوي بند جي ڀرسان آهي.
جنهن بزرگ سلسله سهرورد کي سڀ کان وڌيڪ هنڌ سنڌ ۾ ڦهلايو اهو شيخ بهاءُالدين ذڪريا ملتاني رحمة ﷲ عليہ هو. هو ڪوٽ ڪروڙ، ملتان ۾ پيدا ٿيو. حافظ قرآن هو ۽ سبعه قرات جو ماهر هو. ظاهري علمن لاءِ هن خراسان، بخارا، مدينه منوره ۽ فلسطين تائين پنڌ ڪيا. علم حديث شيخ ڪمال الدين يمني رحمة ﷲ عليہ کان حاصل ڪيائين ۽ ڪيترا ورهيہ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي روضہ اقدس تي عبادت ۽ رياضتن ۾ مشغول رهيو.
شيخ عمر شھاب الدين 1 محرم الحرام 632 ھہ/ 26 سيپٽمبر 1234ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مسجد ۽ مزار بغداد (عراق) ۾ موجود آهي. ‘خزينة الاصفيا’ ۾ سندن وفات تي هڪ طويل مادہ تاريخ ڏنل آهي، جنهن جا چند بند هتي ڏجن ٿا:
مرشد اولياءَ شھاب الدين
اڪمل الاتقياءَ شھاب الدين
-
سال توليد آن شه حق رس
شد رقم “بادشاھہ دين اقدس”
539 ھہ
عقل سال وصال او بيقين
گفت “قطب حسن شھاب الدين”
632 ھہ
شيخ عمر شھاب الدين سھروردي جي خاندان مان ڪيترائي عالم فاضل ٿيا، جن سندس وفات کانپوءِ دنيا ۾ علم جي روشني کي وکيريو. سندس اولاد ۾ شيخ احمد عماالدين جو ذڪر تاريخ ۾ملي ٿو. جڏهن تہ سندس ٻن پٽن جا نالا ڪنيت سان ملن ٿا. هڪ ابو حفص ۽ ٻيو ابو عبدالله. جنهن ڪري قياس آهي تہ سندس ٻيا پٽ بہ هوندا، سندس هڪ ڌيءَ جو ذڪر بہ اچي ٿو. جنهن جي شادي سلطان العارفين سيد محمد شجاع سان ٿي هئي. ياد رهي تہ جڏهن سيد محمد شجاع حج ڪري واپس ٿيو تہ شيخ عمر شھاب الدين کيس پنھنجي نياڻي ڏني هئي، جنهن مان سيد محمد مڪي ڄائو، جيڪو رضوي ساداتن جو جد امجد لکيو ويو، جنهن جي مزار بکر ۾ موجود آهي. سيد مڪي شيخ عمر شھاب الدين جو ڏهٽو آهي. سنڌ جا نامور علمي ادبي ۽ مذهبي گهراڻا هالن جا مخدوم ۽ پاٽ، سيوهڻ ۽ سنڌي پوره برهانپور جا صديقي، جيڪي مخدوم ۽ قاضيءَ جي لقبن سان پڻ ياد ڪيا وڃن ٿا، سي شيخ الشيوخ ابوعبدالله عمر شھاب الدين سهرورديءَ جي اولاد ۾ شامل آهن.
656ھہ/ 1258ع ۾ هلاڪو خان تاتاري بغداد تي حملو ڪيو، جنهن ۾ خليفي معتصم باالله کي بہ قتل ڪيو ويو هو. چاليهن ڏينهن تائين بغداد ۾ لٽ مار جاري هئي ۽ انهيءَ لٽ مار ۾ 16 لک ماڻهو شھيد ٿي ويا هئا ۽ ڪيترائي ڪتبخانا رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا. جڏهن تہ خليفي معتصم باالله کي شيخ الشيوخ عمر شھاب الدين السهروديءَ جي پيراندي کان دفن ڪيو ويو. انهي افراتفريح ۾ شيخ عمر شھاب جي خاندان وارا بہ بغداد کي ڇڏي ملتان، سنڌ ۽ هند جي مختلف هنڌن تي نقل مڪاني ڪري ويا.
شيخ عمر شهباب الدين جو اولاد ملتان جي هڪ ڳوٺ ‘ڪوٽ ڪروڙ’ ۾ اچي ويٺو، اهڙو ذڪر مولانا قاسمي صاحب سه ماهي ‘الرحيم’ رسالي جي 1966ع واري پرچي ۾ ڪيو آهي. شيخ احمد عماد الدين ابن شيخ شيوخ، عمر بن محمد شھاب الدين کان ميان شھاب الدين ثانيءَ تائين پشت بہ پشت نالا ڏنا آهن:
1. شيخ احمد عماد الدين (ولادت 558ھہ)
2. شيخ قاسم (ولادت 589ھہ، وفات 652ھہ)
3. شيخ رضي الدين (ولادت632 وفات 695ھہ)
4. شيخ وجهہ الدين (ولادت 699ھہ، وفات 780ھہ)
5. شيخ سراج الدين (ولادت 732 وفات 811ھہ)
6. شيخ نورالدين (ولادت 786)
7. شيخ شھاب الدين ثاني (ولادت 802 وفات 894ھہ)
مختلف تذڪرن ۽ تاريخن ۾ شيخ الشيوخ شھاب الدين جي 21 تصنيفن جو ذڪر ملي ٿو، جن مان هي تيرهن مشھور آهن:
1. بغية البيان في تفسيرالقرآن،
2. اعلام الهدي وعقيدة ارباب التقي،
3. ڪتاب الوصايا،
4. جذب القلوب الي مواصلة المحبوب،
5. الرحيق المختوم لذوي،العقول والمفهوم،
6. صفوة الصوفيه في آداب المريدين المعروف ارشاد المريدين،
7. مقامات العارفين،
8. رساله في اعتقاد الحڪماءِ،
9. اسرار العارفين وسيرالطالبين،
10. ڪتاب الاوراد،
11. رشف النصائيح الايمانيه وڪشف الفضائح اليونانيه،
12. الرساله في الفقر
13. عوارف المعارف
انهن مان اڪثر تحريرون شيخ الشيوخ شھاب الدين سهرورديءَ جي اولاد مان مخدوم سليم ﷲ صديقيءَ جي ذاتي ڪتب خاني ۾ نہ رڳو محفوظ آهن، پر انهن جو سنڌي ترجمو ڪرائي شايع ڪرڻ جو ڪم پڻ جاري آهي.
1145.01.24 عيسوي
شيخ الشيوخ عمر شهاب الدين السهرورديءَ جي ولادت 21 رجب المرجب 539هه/ 24 جنوري 1145ع ۾ ايران جي شهر سهرورد ۾ ٿي.
1234.09.26 عيسوي
شيخ عمر شهاب الدين 1 محرم الحرام 632 هه/ 26 سيپٽمبر 1234ع ۾ وفات ڪيائين.