شيخ فاضل شاھہ قريشي

شيخ، فاضل شاھہ قريشي: نامور بزرگ شيخ فاضل شاھہ قريشي، شيخ بھاءُ الدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان هو. سندس جنم ملتان ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم تربيت حاصل ڪيائين. پاڻ 951ھہ/1544ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ بڪيرا شريف (موجودہ ضلعو ٽنڊو الهيار) ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي غوث بھاءُ الدين جا مريد رهندا هئا. ان وقت ڪجهہ ماڻهن سندس اتي ترسڻ جي مخالفت ڪئي، پر پوءِ منجهس علم ۽ فضيلت ڏسي ڪيترائي سندس مريد ٿيا. روايت آهي تہ پراڻ درياھہ جي ڪناري تي هڪ وڻ هوندو هو، جنهن جي ٿڙ ۾ دري وانگر سوراخ هوندو هو. شيخ بھاءُ الدين جي مريدن جو خيال هوندو هو تہ ان سوراخ مان اهو ماڻهو گذري سگهي ٿو، جيڪو پاڪ ۽ باوضو هوندو. اهو وڻ شيخ بھاءُ الدين ڏانهن منسوب ڪيل هو، ان وڻ تي پوءِ مخدوم نوحرح جي مريدن قبضو ڪري ملتاني فقيرن جي تصوف کي ٽوڙي ڇڏيو. ملتاني فقيرن اها دانهن شيخ بھاءُ الدين جي درگاھہ تي وڃي ڏني، جنهن بعد شيخ بھاءُ الدين زڪريا، شيخ فاضل قريشيءَ کي سنڌ موڪليو. فاضل شاھہ جي بڪيرن ۾ اچڻ بعد اتي جو زميندار ارباب شير بيگ بڪيرو سندس معتقد ٿي رهيو، جنهن بعد سنڌ جي ماڻهن جو ملتان جي درگاھہ سان روحاني تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيو.
شيخ فاضل شاھہ قريشيءَ، 14 رجب 976ھہ/ 2 جنوري 1569ع تي وفات ڪئي.


لفظ شيخ فاضل شاھہ قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو