شيخ، فخرالدين ڪبير: شيخ فخر الدين ڪبير بن شيخ ابوبڪر ڪتاني پنھنجي دور (736- 811ع) جو مشھور سنڌي عالم ۽ فاضل هو. هيءُ بزرگ هالا جي مخدومن جو جد امجد ۽ مخدوم نوح رحه جو ستون ڏاڏو هو. هيءَ پهريون بزرگ هو، جنهن کي ‘بوبڪ’ ۾ پنھنجي خانقاھہ قائم ڪرڻ جو حڪم مليو. نامياري ليکڪ حبيب ﷲ صديقيءَ لکيو آهي تہ: “شيخ ابونجيب ۽ شيخ الشيوخ جي اولاد مان هي سنڌي مهاجرين ۽ مبلغين سمن جي صاحبيءَ ۾ ‘پاٽ’ ۾ آباد ٿيا هئا، جتان شيخ فخرالدين ثاني بن شيخ ابوبڪر ڪتاني صديقيرحه کي منڇر ڍنڍ جي ڪناري بوبڪ ۾ خانقاھہ قائم ڪرڻ جو حڪم مليو، جنهن جي تعميل ۾ هيءَ خاندان ‘بوبڪ’ منتقل ٿي ويو.”