شيخ، فيض ﷲ: شيخ فيض ﷲ سنڌ جي مشھور نقشبندي بزرگ مخدوم آدم جو وڏو فرزند هو. هيءُ پنھنجي وقت جو معتبر عالم ۽ ڪامل عارف هو. مخدوم آدم کانپوءِ رشد ۽ هدايت جي مسند تي ويٺو. ‘مرقوب الاحباب’ ۾ لکيل آهي ته، “مخدوم آدم پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي کيس پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪري ڇڏيو هو.” شيخ فيض ﷲ ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت مخدوم آدم جي فيض واري خليفي ابو القاسم نقشبنديءَ کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم ۽ روحاني تربيت لاءِ سندس والد پنھنجي پير ۽ مرشد جي خدمت ۾ سرهند شريف وٺي ويو، سندس مرشد شاھہ سيف الدين ظاهري ۽ باطني تربيت اهڙي ڪئي، جو شيخ فيض ﷲ وڏي مرتبي تي پهچي ويو. سلوڪ جي واٽ طئي ڪرڻ لاءِ هن وڏيون رياضتون ڪيون، ڪيترائي ڀيرا ٺٽي سنڌ کان سرهند شريف پيادل سفر ڪيائين. اهي ڪشالا، رياضتون ۽ روحاني بلندي ڏسي هن جي مرشد هن کي خلافت جو خرقو عطا ڪري مخلوق جي رشد ۽ هدايت لاءِ وطن واپس موڪليو. پـاڻ پنهـنجـي وطـن سـنڌ اچـي مخلـوق جي روحاني تربيت ڪيائين ۽ ڪيترن ئي انسانن کي سنئين واٽ ڏيکاري اونداهيءَ مان ڪڍيائين. جـوانـيءَ ۾ پنھنجي والـد جـي وفات کان چـئـن پنجن سالن بعد رحلت ڪيائين. سندس مزار پنھنجي والد جي مزار جي اولھہ طرف کان ٺٽي جي قبرستان ۾ آهي.