شيخ، قائم خان، خانبهادر: خانبهادر قائم خان ولد شيخ نور محمد، 1868ع ڌاري تعلقي قنبر، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ جي ڳوٺ نور محمد شيخ ۾ پيدا ٿيو. هو پنھنجي علائقي ۾ سخاوت جي ڪري تمام گهڻو مشھور هو. هيءُ 1930ع ۾ حج جي سعادت لاءِ ويو تہ پاڻ سان گڏ چاليھہ ماڻهو ذاتي خرچ تي وٺي ويو ۽ سعودي عرب ۾ سونن سڪن جي صورت ۾ نذرانو ڏنائين. هيءُ سنڌ جي چند ماڻهن مان هو، جنهن لاءِ ڪعبة ﷲ شريف جو در کولي کيس اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. هن مڪي شريف ۾ حاجين جي سهولت لاءِ پاڻيءَ جون ٽانڪيون ۽ مسافرخانا بہ ٺهرايا. جڏهن ترڪي ملڪ آزاد ٿيو تہ ان مسلمان ملڪن کي امداد جي اپيل ڪئي هئي. ان وقت سنڌ مان صرف قائم علي شيخ چندو گڏ ڪري ترڪيءَ جي مالي امداد ڪئي. 1908ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائين. مدرسي ۾ طالبن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو خرچ بہ پاڻ ڀريندو هو. 1917ع ۾ ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول کولرايائين، جنهن جو خرچ پاڻ ڀريائين. قائم علي شيخ کي انگريز حڪومت طرفان وڏا اختيار مليل هئا. کيس پهريان خانصاحب ۽ پوءِ خانبهادر جو لقب مليو. هيءُ ڪيترو وقت بمبئي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. هو هارين سان نهايت شفقت ۽ مهربانيءَ سان هلندو هو. بيماريءَ توڙي شادي غميءَ ۾ پنھنجي هارين جي سار لهندو هو. 1920ع ۾ ڪانگڙي جي جنس بمبئيءَ مان آڻي سنڌ ۾ متعارف ڪراائين. 1906ع ۾ جڏهن ناري واھہ کي گهارو لڳو تہ قائم خان شيخ هارين جي مدد سان اهو گهارو ٻڌرايو. ان دوران ان ڪم جي نگراني پاڻ ڪندو هو ۽ سموري خرچ جو بار بہ مٿس هو. انهيءَ گهاري کي
بند ڪرڻ جي عيوض انگريز سرڪار کيس تعلقي قنبر جي ديھہ ڪلر ۾ ڇھہ سئو ايڪڙ زمين انعام طور ڏني. جنهن ۾ مشھور ڍنڍ ‘ڊگهہ ڍنڍ’ بہ شامل هئي. قائم خان شيخ انهيءَ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نور واھہ مان شيخ واھہ کڻايو، جيڪو اڄ بہ قنبر جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي زمين سيراب ڪري ٿو. هن کي مسجدن جوڙائڻ جو وڏو شوق هوندو هو.
هن پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي ضلعي ۾ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرايون ۽ اتي پيش امام مقرر ڪري انهن جا وظيفا پنھنجي خرچ مان ڏيندو هو. هن سڄي حياتي پنھنجي علائقي جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪئي.هيءُ سخي مرد مئي 1936ع ۾ وفات ڪري ويو.