شيخ محمد اسلم 1

شيخ، محمد اسلم 1: سنڌ جي نامياري تعليمي ماهر محمد اسلم ولد خانبهادر محمد ابراهيم شيخ 15 آڪٽوبر 1898ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد خيرپور رياست جو وزير هو. سندس تعليم ۽ تربيت نهايت ئي اعليٰ ماحول ۾ ٿي. هن مئٽرڪ تائين تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جهوناڳڙھہ ويو، پر والدہ جي وفات سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي ڪاروبار سنڀاليائين. پاڻ نور محمد هاءِ اسڪول بورڊ جو سرگرم ميمبر ٿي رهيو. نور محمد وڪيل سان سندس سٺا تعلقات هئا، جنهن جي وفات کانپوءِ پاڻ آخري وقت تائين نور محمد هاءِ اسڪول بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. نور محمد هاءِ اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏياريو. ورهاڱي کان اڳ هو ’ڊي جي سنڌ ڪاليج‘ (هاڻوڪي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد) جي انتظامي بورڊ جو اڪيلو مسلمان ميمبر هو. هي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي، سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ۽ سنڌ لا ڪاليج جو پڻ سرگرم ميمبر ٿي رهيو هو. ڪيترن ئي شاگردن کي پنھنجي پاران وظيفا ڏيندو هو. آخري ڏينهن ۾ مسلم آرٽس ڪاليج، حيدرآباد جو بنياد رکيو. هن لطيف آباد ۽ شھر جي ٻين هنڌن تي اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ ڏينهن رات جدوجھد ڪئي. هن 1958ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.10.05  عيسوي

سنڌ جي نامياري تعليمي ماهر محمد اسلم ولد خانبهادر محمد ابراهيم شيخ 15 آڪٽوبر 1898ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.هن 1958ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھہ بخش سگهڙ 1
الھڏنو مھر
الطاف پيرزادو
شيخ عمر شھاب الدين سھروردي
پنڪچ آڏواڻي
عباسي پنجل
انصار برني
ٿامس ايڇ ويلر
سلطان سامٽيو
بدر ڌامراهو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون