شـيـخ، محـمد بخـش: نامياري حڪيم، سگهڙ ۽ سيلاني سياح محمد بخش شيخ 1909ع ڌاري نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ مان چار درجا پرائمري تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد سندس ڳوٺ جي مشهور حڪيم سيد ڀورل شاهه راشديءَ کيس پنهنجي دواخاني تي رکيو. جنهن بعد سندس حڪمت سان دلچسپي وڌڻ لڳي. فقير محمد بخش پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين حڪمت جي ڌنڌي سان سلهاڙيل رهيو ۽ انهي فن ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين، پر اڳتي هلي سندس ملاقات جگلار نالي هڪ سنياسيءَ سان ٿي ۽ ان جي صحبت ۾ ويراڳي ٿي ووڙيندو، جبل جھاڳيندو ۽ سير سفر ڪندو رهيو، جنهن دؤران ڪڇ، ڀڄ، جيسلمير، دهلي ۽ ٻين هنڌن جو سير ڪيائين. شاديءَ کان پوءِ فقير محمد بخش سير سفر کي ترڪ ڪري مڪمل طور تي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، پر تنهن هوندي به هر سال لاهوت لا مڪان ڏي زيارت لاءِ ضرور ويندو هو، ان کانسواءِ ڀٽائي سرڪار ۽ شهباز قلندر جي درگاهن جو به پانڌيئڙو هو.
محمد بخش شيخ کي لوڪ ادب سان به گهري دلچسپي هئي، کيس لوڪ ادب جي هر صنف تي مڪمل دسترس حاصل هوندي هئي، پنهنجي ڳوٺ ۾ هر مهيني جي هڪ مقرر تاريخ تي رات جو سگھڙن جي ڪچهري ۽ راڳ محفل پنهنجي خرچ تي ڪرائيندو هو، جنهن ۾ پري پري جا سگھڙ اچي شريڪ ٿيندا هئا. پاڻ هميشه ڪاري ويس ۾ ملبوس هوندو هو، وٽس ڪوبه بيمار کانئس علاج وٺڻ ايندو هو ته ان کان ڪنهن به قسم جو معاوضو نه وٺندو هو.
محمد بخش شيخ جولاءِ 1981ع ۾ وفات ڪئي، سندس شخصيت ۽ فن تي هڪ ڪتاب ’اوکا پنڌ پهاڙ جا‘ جي عنوان سان نامياري شاعر قاضي مقصود گل ترتيب ڏنو آهي.