شيخ محمد رضا

شيخ، محمد رضا: شيخ محمد رضا، اصل ٺٽي جو رهاڪو هو. پوءِ بکر ويو، جتي دارالعلوم ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالمگير اول (1068ھہ/1652ع کان 1118ھہ/1706ع) ۽ محمد شاھہ (1131ھہ/ 1719ع کان 1161ھہ/1748ع) جي ڏينهن ۾ بکر جي سرڪاري عهدن تي فائز رهيو ۽ فوجداري عهدي تي پهتو. علامہ مير عبدالجليل بلگراميءَ سان دوستي هئس، نواب اعظم خان حاڪم ٺٽي جڏهن شاھہ عنايت صوفي جهوڪ واري سان جنگ ڪئي تہ شيخ محمد رضا نواب جي طرف هو. شيخ محمد رضا جا ٻہ فرزند بکر ۾ رهندا هئا.
شيخ محمد رضا 1143ھہ/ 1730ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ شيخ محمد رضاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو