شيخ محمد: مشھور خطاط، شيخ محمد، شيخ محمد حسن جو پٽ هو. هن بابت ڪنهن بہ تذڪري ۾ ڪو بہ حوالو نہ ٿو ملي. شاھجھان جي ڏينهن ۾ هن خطاطيءَ جي فن ۾ امتياز حاصل ڪيو. ٺٽي جا گورنر ۽ شھزادا سندس ڪتابت جي خواهش رکندا هئا. هو نسخ، نستعليق ۽ ثلث خطاطيءَ ۾ هڪجهڙي مهارت رکندو هو. شرفا خان ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي مقبرن تي سندس تحرير ۾ قرآن شريف جون آيتون اڪريل آهن. عام روايتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو تہ هو اورنگزيب جي شروعاتي دور ۾ زندھہ هو.