شيخ موسيٰ آهيداڻي

شيخ موسيٰ آهيداڻي : هندوستان ۾ شيخ موسيٰ بن اسحاق آهيداڻيرحه جو نالو مشھور بزرگن ۽ لوڪ صوفين ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ 1292ع ڌاري آديپور ۾ ڄائو هو ۽ سلطان علاؤالدين خلجي جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو. پنھنجي وقت جو ناميارو صوفي ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ ”قادري“ طريقت سان وابستہ هو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن ساڱري درياھہ جي ڪناري تي عبادت ڪندي گذاريائين. 1366ع تي وفات ڪيائين، کيس ساڱري واھہ جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو