
شيخ، نظر محمد بسمل
شيخ، نظر محمد بسمل: مشھور صحافي ۽ شاعر شيخ نظر محممد بسمل جو جنم 23 مارچ 1934ع تي پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. 1938ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جماڻي هال مان ابتدائي چار درجا تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1947ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. تعليم پوري ڪري پنھنجي ڀائرن سان گڏ جيڪب آباد ۾ ڪاروبار سان لڳي ويو،. 1953ع ۾ روزگار سانگي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيو. ڪجهه عرصو شڪارپور ۾ پندرنهن روزہ ‘خانہ بدوش’ نالي اخبار جاري ڪيائين، جيڪا سال سوا جي عرصي بعد بند ٿي وئي. شيخ نظر محمد بسمل جو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان گهرو لڳاءُ هئڻ سان گڏ افسانہ نگاري ۽ شاعريءَ ڏانهن بہ لاڙو هو. سندس شاعريءَ جا چار ڪتاب: ‘پرينءَ جا گيت’، ‘نذرانه بسمل’، ‘آزاد آهون‘ ۽ ‘هڪ دل هزار دانهون’ شايع ٿيل آهن.
شيخ نظر محمد بسمل، 15 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي.
1934.03.23 عيسوي
مشهور صحافي ۽ شاعر شيخ نظر محممد بسمل جو جنم 23 مارچ 1934ع تي پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.
2000.11.15 عيسوي
شيخ نظر محمد بسمل، 15 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي.