شيخ نوح هوٿياڻي: درويش ۽ عالم دين شيخ نوح هوٿياڻي پنھنجي وقت جو وڏو عارف، ڪرامت ۽ ڪشف جو صاحب هو. روايتن موجب، هي درويش هالن ۾ هميشہ مخدوم نعمت ﷲ (جيڪو مخدوم نوح جو پيءُ هو) جي خدمت ۾ اچي ڪجهہ نہ ڪجهہ نياز ڏئي ويندو هو. جڏهن مخدوم نوح پنھنجي والدہ جي پيٽ ۾ سرجيو، تڏهن درويش نوح هوٿياڻي، جيڪو بہ تحفو آڻيندو هو، سو مخدوم نعمت ﷲ جي خدمت ۾ پهچائڻ بدران مخدوم نعمت ﷲ جي حويليءَ ۾ پهچائي ڏيندو هو. مخدوم نوح جي ولادت کانپوءِ درويش مخدوم نعمت ﷲ وٽ پهچي، فرزند جي مبارڪباد ڏني ۽ ان ٻارڙي کي ڏسي پنھنجي ڳوٺ کيبر هليو ويو. ان کانپوءِ ستت ئي وفات ڪيائين. هن درويش جي باري ۾ هڪ روايت هن ريت آهي تہ ڄام جوڻو سمو، جڏهن ٺٽي جو حاڪم ٿيو هو، تڏهن هن پنھنجي ٻن عزيزن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام تماچيءَ کي دهليءَ جي بادشاھہ کي چغلي هڻي قيد ڪرايو هو. هو ٻئي دهليءَ ۾ سلطان فيروز تغلق وٽ ڪيترو وقت قيد هئا. آخر هو عقلمنديءَ سان قيد مان ڇوٽڪارو ماڻي سنڌ روانا ٿيا، جڏهن کيبرن جي ڳوٺ وٽان لانگهائو ٿيا تہ هڪ درويش نوح هوٿياڻيءَ کي فقيراڻي لباس ۾ بيٺل ڏٺائون. ٻئي ڄڻا سندس پيرن تي ڪري پيا ۽ پنھنجي تڪليفن ۽ حڪومت کان برطرف ٿيڻ جو سمورو احوال کيس ٻڌايائون. درويش کين دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ٻہ چار ڏينهن ٿيا آهن، جو آءٌ پکين جي واتان ۽ وڻن جي پنن مان اهو آواز ٻڌي رهيو آهيان تہ سنڌ ۾ ڄام تماچيءَ جي حڪومت آهي ۽ ڄام جوڻي جو خاتمو ٿي چڪو آهي، جڏهن اهي ٻئي ڀائر ٺٽي پهتا، تڏهن ڄام جوڻو ستت وفات ڪري ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ڄام تماچيءَ جي حوالي ٿي، جنهن کان پوءِ سما ڄام هميشہ شيخ نوح هوٿياڻيءَ جا معتقد ٿي رهيا. شيخ نوح هوٿياڻيءَ جو مقبرو ضلعي مٽياريءَ جي ڳوٺ کيبرن ۾ واقع آهي.