شيخ هوٿي لاکي جي درگاهه

شيخ هوٿي لاکي جي درگاهه

شيخ هوٿي لاکو

شيخ، هوٿي لاکو: شيخ هوٿيءَ بابت پهريون ماخذ ‘حديقة الاولياءَ’ آهي، جو 1016ھہ/ 1607ع ۾ سيد عبدالقادر لکيو. ان ڪتاب تان مير علي شير قانع، شيخ هوٿيءَ بابت لکندي مدد ورتي. مير قانع موجب هيءُ ‘دشت باران’ علائقي جو هو. هي علائقو موجودہ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ آهي. شيخ هوٿي جتي رهيو ۽ وفات بعد دفن ٿيو، ان علائقي کي مورياڻي سڏجي ٿو. پنھنجي وقت ۾ پيرن جو پير هو. اڪثر مٿي کان پيرن تائين ڳاڙهو لباس پهريندو هو. خانقاهن ۾ وجد ۽ سماع جي محفلن قائم ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو. تذڪرن ۾ سندس ڳچ ڪرامتون لکيل ملن ٿيون. جيتوڻيڪ اهي اعتبار جوڳيون نہ آهن، پر روايت طور هڪ هتي ڏجي ٿي: سندس وفات کان پوءِ، هڪ شخص جو هن جي جنازي ۾ شامل هو، روايت ڪئي تہ هن، شيخ کي جنازي جي نماز ۾، پنھنجي ڀرسان ڏسي، حال جي زبان سان هن کان سوال ڪيو ته، اهو ڪيئن جو پنھنجي جنازي جي نماز پڙهي رهيا آهيو؟ جواب ڏنائين ته، هن حالت کان عجب نہ کاءُ، ۽ اسان کي زندھہ سمجهہ. سندس مزار دشت جي ڪنڊ ۾، ساڱره جي ڪناري تي، مورياڻي ڳوٺ ۾ وارن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي.
هن وقت هي ڳوٺ خود شيخ جي نالي ۾ ‘شيخ هوٿي لاکو’ سڏيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جو خيال آهي تہ بزرگ هوٿيءَ جي والد جو نالو لاکو هو، پر پاڻ ذات جو لاکو نہ هو (رهاڻ هيرن کاڻ، جلد ڇهون، ص 67-68). جڏهن تہ سنڌ جي قديم تاريخي ڪتابن موجب شيخ هوٿي، ڪڙم قبيلي جي لحاظ کان لاکو هو (حديقة الاولياء، سنڌي، ص 129).
شيخ هوٿيءَ کي ٻہ پٽ: شيخ احمد ۽ شيخ محمد ٿي گذريا. ٻئي ڪرامتن وارا بزرگ هئا. شيخ احمد هميشہ عبادت ۽ مجاهدي ۾ ڪوشان رهندو هو ۽ هڪ گهڙي بہ ذڪر کان خالي نہ رهندو هو. ٻنهي ڀائرن جون مزارون، پنھنجي والد شيخ هوٿيءَ جي ڀر ۾ آهن. ٻئي بزرگ ڄامن سمن جي دور ۾ ٿي گذريا. شيخ هوٿي 811 ھہ/ 1408ع ۾ فوت ٿيو. سندس فرزند ميون احمد 820ھہ/ 1417ع ۾ هيءُ فاني جھان ڇڏيو. ٻنهي فقيرن جا مقبرا، ڄام نظام الدين جي حڪم سان تعمير ٿيا. اهي مقبرا جڏهن زبون ٿيڻ لڳا ته، انهن جي ٻيهر تعمير 1320ھہ/ 1902ع ۾ ٿي، جنهن جي نشاندهي اتي لڳل فارسي ڪتبا ڪن ٿا. موجودہ دور جي ڀلوڙ نوجوان شاعر، حسن درس جو تعلق بہ هن بزرگ جي خاندان سان هو، جيڪو ڦوھہ جوانيءَ ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ فوت ٿيو. سندس مزار بہ هن درگاھہ جي ڀرسان آهي.


لفظ شيخ هوٿي لاکوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو