شيخ واھہ: شھدادڪوٽ جو هڪ پراڻو واھہ، هيءُ واھہ نور واھہ جي 25 آر.ڊي مان نڪري ٿو. هن واھہ جي ايراضي 3911 ايڪڙ آهي. ڊيزائين ڊسچارج 1404 ڪيوسڪ ۽ واٽر ڪورس 10 اٿس. هيءُ واھہ، نور واھہ مان ٻن زميندارن نور محمد خان شيخ ۽ خانبهادر قائم خان شيخ ڀاوندا لاکا ڳوٺ تعلقي قنبر کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر جي ڪنڊ وٽان انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ کوٽرايو. هن واھہ کي نور محمد شيخ واھہ بہ سڏين، هيءُ واھہ ڇڄڙا، لاکا، ڪلر سميت ڪيترين ديهن کي سيراب ڪري ٿو.