شيخ ورو

شيخ وَرُو: مغل گورنر جي دور ۾ شيخ ورو ٺٽي جي منصب تي ويٺل هو. هي وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. شاعريءَ جي ميدان ۾ ان وقت سندس ڪو برابر نہ هو. هميشہ کري ۽ سچي ڳالھہ چئي ڏيندو هو. اڪثر اميرن، وزيرن ۽ مفتين جي غلطين سبب مٿن هجو لکندو هو، شايد انهيءَ ڪري نواب سيف خان جي عھد (1137ھہ/1724ع 1142ھہ/1729ع) جي آخري دور ۾ قتل جي الزام ۾ کيس بہ موت جي سزا ملي. مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ٺٽي جي هڪ مفتيءَ جي هجو ۾ هن هڪ طويل نظم لکيو، جنهن جو مطلع هتي ڏجي ٿو:
الا يا ايها المفتي شده ريش تو جنگلها،
اکٿاڙون بال يڪ يڪ ڪر بنائون خوب ڪملها.


لفظ شيخ وروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو