شيخ پريو: شيخ پريو، سمن جي دؤر جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو ويرداس ۽ ذات جو برهمڻ هو، پر پاڻ ذات پات واري خيال کان آزاد هو. دنيا کان دل ٽٽل هئس، ان ڪري جبلن ۽ جهنگلن ۾ جانورن سان گڏ زندگي گذاريندو هو. ڪجهه عرصو گنجي ٽڪر تي رهيو، جتي ماڻهو وٽس زيارت ۽ فيض لاءِ ايندا هئا. ان جي باوجود پاڻ ماڻهن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن آيل ماڻهن کان پڇڻ کانسواءِ سندن دل جو حال ٻڌائيندو هو. ’حديقة الاولياء‘ جي مصنف سيد عبدالقادر ٺٽويءَ لکيو آهي ته: ”آئون به شيخ پريي وٽ ويس، ان وقت هو سنڌي دوها پڙهي رهيو هو، منهنجي دل ۾ خيال ٿيو ته اهي دوها سندس چيل آهن يا ڪنهن ٻئي شاعر جا؟ تڏهن شيخ پاڻ ٻڌايو هي دوها فقير اسحاق لوهار جا چيل آهن. ان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي سوالن جا جواب پڻ ڏنائين. شيخ پريي 903هه/1497ع ۾ وفات ڪئي، گنجي ٽڪر تي حيدرآباد شهر ڀرسان سندس مزار آهي.