شيخ ڪبير

شيخ، ڪبير: شيخ ڪبير جو پورو نالو محمد ڪبير ولد محمد صديقي هو. هن لڳ ڀڳ نائين صدي هجريءَ/پندرهين صدي عيسويءَ ڌاري ڪوٽڙي ڪبير، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. هي پنھنجي دور جو ناميارو عالم ۽ اسلام جو مبلغ هو. ڪوٽڙي ڪبير شھر تي سندس نالي جي نسبت سان اهو نالو پيو. علمي فضيلت جي ڪري ‘شيخ’ سڏبو هو. هيءُ پنھنجي وڏي ڏاڏي مخدوم شيخ اسحاق جي اٺين پيڙهيءَ مان هو. سندس خاندان جو شجرو حضرت ابو بڪر صديق سان ملي ٿو. سندس خاندان آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ آباد هو. هن تدريس ۽ تعليم لاءِ ايتريون خدمتون سرانجام ڏنيون، جو کانئس پوءِ ڪوٽڙي ڪبير علمي شھر شمار ٿيڻ لڳو.
سندس فرزند رحمت شاھہ، ميان قاسم ۽ ميان دوست مشھور ناليوارا بزرگ ۽ مبلغ ٿي گذريا. هن بزرگ ڪوٽڙي ڪبير ۾ درسگاھہ ۽ هڪ عاليشان ڪتب خاني جو بنياد وڌو، جنهن ۾ دينيات، فقه، نصاب، علم نحو، تفسير ۽ حديث وغيرہ جي هٿ سان لکيل ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. اها درسگاھہ ۽ اهو ڪتب خانو سندس خاندان جي عالم ۽ اڪابر فردن سنڀاليو. انگريزن جي دور ۾ درسگاھہ جو پروانو رد ٿيڻ ڪري گهڻا ڪتاب ضايع ٿيا، تڏهن بہ شيخ ڪبير جي خاندان مانغوث بخش گوهر جي لائبرريءَ ۾ انهن مان ڪي مخطوطه اڃا پڻ موجود آهن. انهن مخطوطن جي توثيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪئي ۽ ڄاڻايو تہ ڪوٽڙي ڪبير ۾ شيخ ڪبير ۽ سندس خاندان پنھنجي وقت جو وڏو علمي گهراڻو رهيو آهي.
شيخ ڪبير پنھنجي اهل مماتي جي مقبول بزرگن مان هو. ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ جي مصنف علي شير قانع ٺٽويءَ پڻ هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي.
هن صاحبِ علم بزرگ يارهين صديءَ هجري/ سترهين صدي عيسويءَ ڌاري وفات ڪئي.


لفظ شيخ ڪبيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو