شيخ ڪرهيو ڀانڊاري

شيخ ڪرهيو ڀانڊاري: هيءُ سومرا دور جو نامور بزرگ، ولي ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو چنچل شاھہ هو. هن جميل شاه گرناريءَ جي نظر هيٺ چشتي طريقي کي لاڙ ۾ ڦهلائڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو، جيڪو جوڳين، ڪن پٽ، ڪاپٽ ڪاپڙين سان گڏ رهندو هو، ۽ ويدانت جي مڙني اسرارن کان واقف هو. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ وٽ بہ ساڳي پنھنجي وڏڙن واري جوڳياڻي ڪار هئي. ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪتاب ‘لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ’ ۾ لکي ٿو ته، “پير ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو نالو حسن چون ٿا، امير گهراڻي جو فرزند هو. ڀائرن سان گڏ شڪار تي نڪتو ۽ مانجهي شھر وٽان نڪتو، مانجهي شھر هينئر ڪڇ جي رڻ ۾ اچي ويو آهي. جتي پير کيرسر جي درگاھہ آهي. هن شھر جا نشان، پير ڪرهيي جي درگاھہ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهن. پير صاحب درگاھہ واري هنڌ ويهي رهيو. ڀائرن کيس حيلا هلايا، پر هو نہ موٽيو ۽ انهيءَ جاءِ تي چلا ڪڍڻ شروع ڪيائين.” شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي هٿ تي ڪيترن ئي غير مسلمانن بيعت ڪري اسلام قبول ڪيو. ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي خاص مريدن ۽ خليفن ۾ سيد لال شاھہ، دال چٽو ديوان، پير کيرسر، مائي مرکان شيخڻ ۽ مائي بيبان نور مشھور آهن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو اولاد ڪرهيي پوٽا ان نسبت سان سڏجن ٿا. اهي جوڳي ڪرهيي پوٽا شيخ، سال بسال انهن آستانن تي سنڌي مهيني پوھہ جي پهرين سومر تي گڏ ٿيندا هئا. سماع ڪندا هئا. سومر جي رات ۽ ڏينهن سماع ۾ گذاريندا هئا ۽ ٻريون ٻاريندا هئا. روايت آهي تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ بہ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي درگاھہ تي حاضري ڀري هئي. شيخ ڪرهيي ڀانڊاري 675ع/ 1276ع ۾ وفات ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن سندس شان ۾ ڪلام چيو آهي. سندس درگاھہ پهرين مريدن ٺهرائي، بعد ۾ درگاھہ کي غلام شاھہ ڪلهوڙي ٻيهر ٺهرايو.


لفظ شيخ ڪرهيو ڀانڊاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو