شيدي: سنڌ ۾ رهندڙ هڪ قبيلو ۽ ذات. تاريخي شاهدين مان خبر پوي ٿي تہ سنڌ ۾ شيدي نسل جو وجود تمام گهڻو پراڻو آهي، پر سنڌ ۾ شيدي نسل اچڻ جا دستاويز 711ع کان پوءِ ملن ٿا. جڏهن عربن سنڌ فتح ڪري ننڍي کنڊ ۾ اسلام کي متعارف ڪرايو تہ ان دور ۾ ‘شجاع حبشي’ نالي هڪ آفريڪي شيديءَ جو تذڪرو پڻ ملي ٿو، جنهن کي محمد بن قاسم طرفان راجا ڏاهر سان جنگ ڪرڻ تي معمور ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر فيروز احمد جي تحقيق موجب سنڌ تي عربن جي حڪومت ٽي سؤ سالن تائين رهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ انهيءَ عرصي دوران عرب پاڻ سان گڏ آفريڪي سپاهي ۽ ملازم آڻيندا رهيا هوندا، جيڪي پوءِ هتي ئي رهجي ويا ۽ شادين جي ذريعي مقامي آباديءَ ۾ شامل ٿي ويا. تاريخ ۾ تيرهين صديءَ کان ارڙهين صدي عيسويءَ تائين هندستان جي مختلف علائقن ۾ شيدي نسل جي ماڻهن جي موجودگيءَ جا دستاويزي ثبوت پڻ ملن ٿا. ايراني نار جي رياستن ۾، جن سان سنڌ جا وسيع واپاري واسطا هئا، ستين صديءَ کان ان نسل جا ماڻهو موجود هئا. جڏهن سنڌ جي آخري مقامي حڪمران خاندان ڪلهوڙن کي سندن ٽالپر ڪمانڊرن معزول ڪيو، ان وقت سندن محافظ ڪجهه شيدي نسل جا ماڻهو هئا.
انگريز محقق اليگزينڊر بئلي جي لکڻ موجب ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اڻويهين صديءَ عيسويءَ جي شروع ۾ آفريڪي شيدي وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ غلام ٿي آيا، جيڪي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ وڪيا ويندا هئا، ان وقت ڪراچي غلامن جي خريد ۽ فروخت واسطي هڪ منڊيءَ جي حيثيت رکندي هئي، هر سال سون جي تعداد ۾ غلام درآمد ڪيا ويندا هئا، جن ۾ هڪ حصو عورتن جو بہ هوندو هو. ڪمانڊر ڪارليس جي چوڻ موجب 1837ع ۾ لڳ ڀڳ 1500 غلام مسقط ۽ آفريڪي سامونڊي ڪناري ذريعي ڪراچي آندا ويا هئا، جيڪي بعد ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڪيا ويا. سنڌ ۾ شيدي غلامن جي آمد ان وقت جي ڳالھہ آهي، جڏهن اوڀر ۾ غلامن جو واپار چوٽ تي هوندو هو ۽ انهيءَ ڪم ۾ عرب گهڻو اڳتي هئا. عمان جو سلطان، زنجيبار تي (جيڪو هاڻي تنزانيا جو حصو آهي) آفريڪا جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري جي وڏي حصي تي حڪمراني ڪندو هو. ان وقت ڇاپا مار دستا آفريڪا کنڊ جي اندروني خطن مان ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري آڻيندا هئا ۽ کين زنجيبار ٻيٽ ۾ غلامن جي منڊيءَ ۾ وڪرو ڪندا هئا، جتي اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري ڏهن هزارن کان ويهن هزارن تائين غلامن جي خريد ۽ فروخت ٿي، ان ڪري محققن جي چوڻ موجب ممڪن آهي تہ موجودہ شيدي نسل ايران ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪناري مڪران جي مختلف هنڌن کان اندرين سنڌ پهتا هجن. رچرڊ برٽن جي لکت مطابق اهي غلام انهن علائقن جا رهاڪو هئا، جن کي هاڻي ڪينيا ۽ تنزانيا چيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ شيدي غلامن جي گهرج شايد انهيءَ ڪري وڌي وئي هئي جو ٽالپر حڪمرانن، بلوچ سردارن کي جاگيرون عطا ڪري ڇڏيون هيون ۽ اهي عيش ۽ آرام جا ڪوڏيا ٿي پيا هئا. ان وقت سنڌ ۾ غلامن کان زراعت جھڙا پيداواري ڪم ڪونه ورتا ويندا هئا. ٽالپر کين گهڻو ڪري محلات جا محافظ يا خانگي ملازم ڪري رکندا هئا. گهڻا زميندار ۽ واپاري بہ پنھنجي گهرن ۾ کين غلام ڪري رکندا هئا. ان کانسواءِ جوان عورتون سريتن طور رکيون وينديون هيون.
انگريز محقق رچرڊ برٽن جي لکڻ موجب شيدي غلامن کان گهوڙن جي سار سنڀال ۽ عام مزدوريءَ جو ڪم وٺڻ بہ عام هو ۽ مختلف پيشہ ور ماڻهن، مثال طور: واڍن، لوهارن وغيرہ جي مددگارن جي حيثيت سان بہ ڪم ڪندا هئا. سنڌ ۾ ڪجهه شيدي غلام اهڙا بہ هئا، جيڪي پنھنجي ذهانت، وفاداري ۽ بهادريءَ جي ڪري مالڪن جا منظور نظر بڻجي ويا ۽ انهن ممتاز حيثيتون حاصل ڪيون، جن ۾ هوش محمد عرف هوشو شيدي پڻ هڪ هو. هوش محمد هڪ خانہ زاد هو، يعني سندس پيدائش ۽ پرورش شاهي گهراڻن ۾ ٿي هئي، سندس پيءُ حيدرآباد جي حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر جي اطاعت هيٺ هو. اهڙن غلامن کي عزتدار حيثيت ڏيڻ لاءِ ٽالپرن کين ‘قمبراڻي’ جو لقب ڏئي ڇڏيو هو. قمبر، حضرت علي عه جي پياري ۽ وفادار غلام جو نالو هو، جنهن کي هن آزاد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ نسبت سان هن شيدي نسل وارن غلامن ۾ وفاداريءَ جو عنصر ڏسي ٽالپر حڪمرانن کين ‘قمبراڻي’ جو لقب ڏنو. (وڌيڪ ڏسو: شيدي، هوش محمد)
سنڌي مصنف محمد صديق ‘مسافر’ شيدي غلامن جي باري ۾ لکي ٿو ته، اهي غلام ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ پنهنجون وسنديون وسائڻ ۽ معاشرتي تنظيم قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. آزاد ڪيل غلام کيت، مزدورن، خانگي ملازمن ۽ هنر مند ڪاريگرن جي طور تي روزي ڪمائڻ لڳا. انهيءَ نسل جا ڪيترائي فرد تعليم حاصل ڪري استاد ۽ مختلف آفيسن ۾ نوڪرين ۾ بہ آيا. سنڌ جو ناليوارو اديب، شاعر ۽ استاد محمد صديق مسافر پڻ انهيءَ نسل مان هو.
سنڌ ۾ شيدين ڪيتريون ئي آفريڪي روايتون ۽ رسمون قائم رکيون، جن ۾ سڀني ۾ اهم دهل جو تال آهي، جنهن کي ’مگرمان‘ يا ’ميندو‘ چيو وڃي ٿو. شيدين لاءِ ميندو رڳو ناچ ۽ ٺينگ ٽپا ڏياريندڙ واڄو ناهي، بلڪہ اهو انهن جي روح کي ڇهندڙ ساز بہ چيو وڃي ٿو. شيدي سنڌ ۾ مختلف ذاتين جھڙوڪ: قمبراڻي، خاصخيلي، بلوچ ۽ شيخ وغيرہ پڻ سڏائين ٿا. هن نسل جي اڪثريت ڪراچي، بدين، خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ اڄ بہ موجود آهي. سنڌ جو سورمو هوشو شيدي، ناليوارو فنڪار مخيتيار علي شيدي، ملھہ پهلوان بکر شيدي ۽ محمد بخش شيدي بہ هن قبيلي سان واسطو رکن ٿا.