
محمد بخش شيدي
شيدي، محمد بخش: هي ناليوارو ملھہ پهلوان آهي. هي شھر صوفي فقير، تعلقي عمرڪوٽ جو رهاڪو آهي. هن جو نانو ملھہ پهلوان هو، جنهن کي ملھہ وڙهندي ڏسي کيس ملھہ وڙهڻ جو شوق ٿيو. عارب شيديءَ کان باقاعدہ ملھہ جي تربيت حاصل ڪيائين، جنهن کيس ملھہ جا ڪل انگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌس ۽ ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏنائين. هي پهريان صوفي صادق جي ميلي تي ۽ علائقي جي ٻين ننڍن وڏن ملاکڙن ۾ ٽئين جوڙ ۾ ملھہ وڙهيو ۽ ڪافي انعام حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ محنت ڪري ٻئي جوڙ ۾ داخل ٿيو، ڪجهه سال ٻئي جوڙ ۾ ملھہ وڙهڻ کانپوءِ پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ شريڪ ٿي لاڙ ۽ اتر جي مشھور ملھہ پهلوانن سان مقابلا ڪري ڪاميابي ماڻيائين. ملھہ جي هڪ قدردان صوفي روشن الدين جو مٿس شفقت جو هٿ رهيو، هن وقت وڏي عمر هئڻ ڪري ملھہ وڙهڻ ڇڏي چڪو آهي، پر ملھہ ڏسڻ جو شوق جاري رکيو اچي ٿو. هن وقت شھر صوفي فقير ۾ رهائش پذير آهي.