شيرازي سيد: شيراز ايران جو هڪ شھر آهي، ان شھر جي نسبت سان اتان جا رهاڪو ‘شيرازي’ سڏجن ٿا. شيرازي سيدن جا وڏا 786ھہ/1384ع ڌاري شيراز کي خيرباد چئي قنڌار کان ٿيندا سيوهڻ پهتا، جن مان ڪجهہ سيوهڻ ۾ رهيا ۽ ڪجهہ سيد محمد ۽ سندس فرزند سيد احمد ۽ ٻيا ساموئيءَ کان ٿيندا اچي ٺٽي شھر ۾ سڪونت پذير ٿيا. پاڻ قاضي نعمت ﷲ عباسيءَ سان رشتيداري ڪري هميشہ لاءِ ٺٽي شھر ۾ آباد ٿي ويٺا. ان کان پوءِ ٻيا بہ ‘شيرازي سيد’ شيراز کان اچي سنڌ ۾ ويٺا. شڪر ﷲ سيد ۽ انجوي سيد بہ شيرازي خاندان مان آهن. سنڌ جو نامور مصنف مير علي شير قانع بہ شڪرالله شيرازيءَ جي خاندان مان هو. هن وقت ٺٽي جي شيرازي سيدن ۾ سياستدان اعجاز حسين شاھہ شيرازي، شفقت حسين شاھہ شيرازي ۽ اياز حسين شاھہ شيرازيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.