شيراز ٽڪر

شيراز ٽڪر: هي ماڳ ضلعي خيرپور ۾ ڪوٽڏيجي شھر کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڪوٽڏيجي ۽ سوراھہ روڊ جي اتر- اوڀر طرف واقع آهي. هن ٽڪريءَ جي چوٽي ۽ آسپاس واري ايراضي زمين جي سطح کان اٽڪل 300 فوٽ اوچائي تي آهي. ٽڪريءَ تي قديم شھر جا نشان لڌا ويا آهن. هتي ڪيترين ئي عمارتن جا نشان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي مليا آهن. 1935ع ڌاري آثار قديمہ جي ماهرن پاران هن ماڳ جي کوٽائي ڪراِئي وئي، جنهن بعد هتان پٿر جا مجسما، سونا زيور، جن ۾ منڊيون ۽ ڪنن جون واليون وغيرہ برآمد ٿيون آهن. انکانسواءِ ٺڪر جا رانديڪا ۽ ڪجهه ڌاتو پڻ مليا آهن، جن تي قديم ٻوليءَ جي لکت پڻ ٿيل آهي. هن ٽڪريءَ جي ’شيراز‘ نالي بابت هڪ روايت آهي تہ قديم دور ۾ هتي هڪ شھر هوندو هو، جنهن تي شيراز نالي غير مسلم حڪمران هوندو هو، کيس ’ڏيجي‘ نالي هڪ خوبصورت ڌيءَ بہ هئي، ان دور ۾ اڀن شاھہ نالي هڪ درويش شھر وٽان لنگهيو، جيڪو شيراز جي ڌيءَ ’ڏيجي‘ جي سونهن ڏسي، عشق مجازيءَ ۾ اڙجي، بادشاهي محل جي سامهون هڪ ٽڪريءَ تي جهوپڙي اڏي ويهي رهيو. اهاخبر جڏهن شيراز کي پئي، تڏهن درويش کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليائين، اهي ماڻهو جڏهن درويش اڀن شاھہ جي ويجهو پهتا، تڏهن درويش زمين کي آڱر سان اشارو ڏنو ۽ اهو درويش ڏسندي ئي ڏسندي زمين دوز ٿي ويو، جتي هينئر قبو اڏيل آهي. اهڙي لقاءَ جي خبر جڏهن حاڪم شيراز جي ڌيءَ ڏيجيءَ کي پئي، تڏهن درويش جي ڪرامت جو ٻڌي گهڻو غمگين ٿي ۽ محلات ڇڏي هڪ ٽڪريءَ تي گوشه نشين ٿي ويهي رهي ۽ سڄي زندگي اتي ئي گذاريائين. اها ٽڪري سندس نالي پٺيان ڏيجيءَ واري ٽڪري سڏجڻ لڳي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو