
شيرين عظيم
شيرين عظيم: پاڪستان ٽيليويزن جي نامياري پروڊيوسر شيرين عظيم، ريڊيو پاڪستان جي مشھور صداڪاره فاطمہ خانم جي نياڻي هئي. هن پي. ٽي. وي لاءِ ٻين نامور پروديوسرن سان گڏجي ڪيترائي ڊراما ڪيا. ‘زير زبر پيش’، ‘انڪل عرفي’، ‘بندش’، ‘ڪرن ڪهاني’، ‘پرڇائيان’، ‘گڙيا’ ۽ ‘سنگسار’ وغيرہ جيڪي ڊراما ڏسندڙن ۾ تمام گهڻا مشھور ٿيا. سندس هدايتڪاريءَ ۾ ڊانس تي مبني ڊرامي ‘پايل’ کي بين الاقوامي اوارڊ پڻ مليو. هن پاڪستان ٽيليويزن جي نامياري پروڊيوسر اطهر وقار عظيم سان شادي ڪئي.
شيرين عظيم، 15 مارچ 1985ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.