شيرين فرهاد: هي ايران جو مشهور عشقيه داستان آهي، جنهن بابت ننڍي کنڊ خصوصاً سنڌ جي فارسي گو شاعرن پڻ مثنويون چيون آهن. فرهاد ايران جو هڪ مشهور عاشق ۽ شيرين ان جي محبوبه جو نالو آهي. هي قصو ايران جي ساساني بادشاهه خسرو پرويز جي دؤر جو آهي.
شيرين، ايران جي عيسائي ملڪه هئي. فرهاد پنهنجي محبوبه کي حاصل ڪرڻ لاءِ ‘ڪوه بيستون’ کي مسمار ڪرڻ جي شرط قبول ڪئي. هُو ان ڪم کي لڳي ويو، جڏهن هو ‘ڪوه بيستون’ کي تقريباً مسمار ڪري چڪو هو ته شاهي محل مان هڪ سازش تحت هڪ ڪنيز اچي فرهاد کي شيرين جي مرڻ جي ڪوڙي خبر ٻڌائي. جيڪا ٻڌندي ئي فرهاد پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺو ۽ پنهنجي ئي هڪ رازڪي اوزار تيشي سان پنهنجو مٿو ڦاڙي جان ڏئي ويٺو.
هن عشقيه داستان بابت ڪيترن ئي شاعرن مثنويون چيون، جن ۾ عرفي، ڪوثري، وحشي، نظامي، امير خسرو، هاتفي، مير نوائي، شيخي، احمد رضوان، صدري ۽ حياتي شامل آهن ۽ جليلي تخلص وارن جون فارسي مثنويون گهڻو مشهور آهن. سنڌ جي نامور شاعر مير صوبدار خان ٽالپر مير پڻ هن عشقيه داستان بابت هڪ تفصيلي فارسي مثنوي چئي آهي، جيڪا تازو ايران جي يونيورسٽي ‘دانشگاهه سيستان و بلوچستان’ مان شايع ٿي چڪي آهي