شيرين فرهاد

شيرين فرهاد: هي ايران جو مشھور عشقيہ داستان آهي، جنهن بابت ننڍي کنڊ خصوصاً سنڌ جي فارسي گو شاعرن پڻ مثنويون چيون آهن. فرهاد ايران جو هڪ مشھور عاشق ۽ شيرين ان جي محبوبہ جو نالو آهي. هي قصو ايران جي ساساني بادشاھہ خسرو پرويز جي دؤر جو آهي.
شيرين، ايران جي عيسائي ملڪہ هئي. فرهاد پنھنجي محبوبہ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ‘ڪوه بيستون’ کي مسمار ڪرڻ جي شرط قبول ڪئي. هُو ان ڪم کي لڳي ويو، جڏهن هو ‘ڪوه بيستون’ کي تقريباً مسمار ڪري چڪو هو تہ شاهي محل مان هڪ سازش تحت هڪ ڪنيز اچي فرهاد کي شيرين جي مرڻ جي ڪوڙي خبر ٻڌائي. جيڪا ٻڌندي ئي فرهاد پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺو ۽ پنھنجي ئي هڪ رازڪي اوزار تيشي سان پنهنجو مٿو ڦاڙي جان ڏئي ويٺو.
هن عشقيہ داستان بابت ڪيترن ئي شاعرن مثنويون چيون، جن ۾ عرفي، ڪوثري، وحشي، نظامي، امير خسرو، هاتفي، مير نوائي، شيخي، احمد رضوان، صدري ۽ حياتي شامل آهن ۽ جليلي تخلص وارن جون فارسي مثنويون گهڻو مشھور آهن. سنڌ جي نامور شاعر مير صوبدار خان ٽالپر مير پڻ هن عشقيہ داستان بابت هڪ تفصيلي فارسي مثنوي چئي آهي، جيڪا تازو ايران جي يونيورسٽي ‘دانشگاھہ سيستان و بلوچستان’ مان شايع ٿي چڪي آهي


لفظ شيرين فرهادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو