
شير بادشاهه جو مقبرو
شير بادشاھہ جو مقبرو (ماڳ): هيءُ مقبرو سيوهڻ کان 32 ڪلوميٽر ۽ جوهي تعلقي جي حدن کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي شاھہ حسن ڳوٺ جي اتر ۾ ديھہ شاھہ حسن ۾ واقع آهي. هيءَ مزار منڇر ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽ نما مٿاڇري ٿلهي تي واقع آهي، جنهن جي ڪل ماپ 6.30x7.10 ميٽر آهي. هن مزار تي صرف ٻيڙيءَ وسيلي وڃي سگهجي ٿو. هن مقبري ۾ مدفن بزرگ بابت ڪا بہ معلومات نٿي ملي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ شير بادشاھہ نالي درويش اعلى پايي جو ڪرامتي بزرگ هو ۽ شينهن جي سواري سندس عام ڪرامتن ۾ شامل هئي، تنهنڪري ‘شير بادشاھہ’ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن بزرگ جو تعلق ارڙهين صدي سان هو. موجودہ وقت ۾ بہ سندس مزار تي ڪيترائي عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.