شير بخشو

شير بخشو: هي ڪلهوڙا حڪمرانن جو خاص فوجي آفيسر هو. جڏهن ڪانجيءَ جي واليءَ سرڪشي ڪري هڪ باغي تاجن منڌري کي پناھہ ڏني، تڏهن ميان نور محمد، ڪانجيءَ جي قلعي کي فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ميان نور محمد پنھنجي خاص فوجي لشڪر سان گڏ شير بخشو کي تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ميان نور محمد لشڪر گڏ ڪري قلعي تي حملو ڪري ڏنو. شير بخشو وڏي دليريءَ سان وڙهيو ۽ سندس ڏاهپ جي ڪري ئي ڪانجيءَ جو واليءَ گرفتار ٿيو. تاجن منڌرو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ويتر سرڪشي ڪرڻ لڳو. آَخر ميان نور محمد، شير بخشو ۽ شاھہ بھاري کي موڪلي تاجن کي وڏي مشڪل سان گرفتار ڪرايو ۽ کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ‘نامہ نغز’ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪانجيءَ جو قلعو محرم 1159ھہ/ جنوري 1746ع ۾ فتح ٿيو.


لفظ شير بخشوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو