شير خان

شير خان: شير خان، افغانستان جي بادشاھہ تيمور شاھہ جو وزيراعظم هو. جڏهن ميان عبدالنبيءَ خلاف سندس ڀائٽيي ميان عزت يار خان بن ميان احمد يار خان بغاوت شروع ڪئي، تڏهن شير خان، ميان عزت يار خان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. ايتري حد تائين جو وزيراعظم شير خان بادشاھہ تيمور خان کي سفارش ڪري سنڌ جي حڪومت جو پروانو ميان عزت يار خان کي وٺي ڏنو. پرواني کانسواءِ محفوظ خان کي ڏھہ هزار دراني ۽ بابري سوار ڏئي حڪم ڏنو تہ ميان عزت يار خان کي سنڌ وٺي وڃي تخت تي ويهاريو وڃي. شير خان ڏھہ هزار جي فوج ڏيڻ باوجود قلات، ملتان ۽ شڪارپور جي دائودپوٽن حاڪمن کي پڻ فرمان جاري ڪيو تہ هو عزت يار خان جي حمايت ۽ مدد ۾ ڪابہ ڪوتاهي نہ ڪن. اهڙيءَ طرح ميان عزت يار خان شير خان جي مدد سان ٽيھہ هزار فوج جمع ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو، پر سنڌ ۾ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر هٿان شڪست کائي ڀڄي ويو.


لفظ شير خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو