شير شاھہ: ناليواري صوفي راڳي شير شاھہ ڳوٺ جسڪاڻي تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي. سندس وڏا ملتان جا رهاڪو هئا. شير شاھہ جو ڏاڏو شير شاھہ ‘بلبل پنجاب’ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ پنھنجي وقت جو ناليوارو راڳي ٿي گذريو آهي. شير شاھہ، سچل سرمست جي درگاھہ جو راڳي آهي. هن راڳ جي سکيا استاد گلزار علي خان عنايت علي فقير ۽ شرافت علي خان ۽ عنايت علي فقير کان حاصل ڪئي. شير شاھہ کي ريڊيو تي متعارف شوڪت علي خاصخيليءَ ڪرايو. سندس ڪيترائي صوفياڻا ڪلام ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هن کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ سچل اوارڊ، روحل فقير اوارڊ، لطيف يونيورسٽيءَ طرفان ‘بھترين راڳي’ اوارڊ، لوڪ ورثا طرفان ‘بھترين فنڪار اوارڊ’ قابل ذڪر آهن.