شير شاهه بازار

شير شاهه بازار

شير شاھہ بازار

شير شاھہ بازار: هيءَ ڪراچي جي هڪ بازار آهي، جيڪا هن وقت ايشيا جي هڪ وڏي ڪٻاڙي بازار طور سڃاڻپ رکندڙ آهي. جتي گڏھہ گاڏي کان وٺي سامونڊي جهازن جا پرزا ملي وڃن ٿا. هن بازار سان هزارين ماڻهن جو روزگار ٻڌل آهي. مورڙي جي هن قديم ڳوٺ ۾ جڏهن هڪ بزرگ شير شاھہ آستانو جوڙيو ۽ وفات کانپوءِ هن کي مورڙي واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو تہ مورڙو ڳوٺ جي هڪ حصي جو نالو شير شاھہ وليج پيو. شير شاھہ، سيد صالح محمد شاھہ جو ڏاڏو هو. سيد صالح محمد شاھہ 1947ع ۾ مسلم ليگ موسٰي لين جي يونٽ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بہ رهي چڪو هو. شير شاھہ ڳوٺ وارو رستو ڪراچي ڏانهنءَ ايندڙ ٻين رستن وانگر قديم رستو آهي. شير شاھہ وارو علائقو بہ اورنگي، گڏاپ، منگهو پير، ملير ۽ لانڍيءَ وانگر قافلن جو پڙاءُ هوندو هو. دڙٻو ۽ ان جي مختلف ننڍن ننڍن بندرن تي اچڻ لاءِ قافلا ٻين رستن سان گڏ هي رستو اختيار ڪندا هئا. هي اهم رستو هوندو هو، جيڪو اڳتي هلي حب ندي روڊ جي نالي سان مشهو ٿيو. قافلا هتي ترسڻ کان پوءِ شھر جي بندرن ڏانهن ايندا هئا. هتي ڪجهہ اهڙيون گهاڙي قبرون آهن، جن جي پٿرن تي لکيل اکر پڙهڻ ۾ نٿا اچن ۽ گهڻن ماهرن انهن کي رومي ٻولي قرار ڏنو آهي. انهن اکرن تي تحقيق جي ضرورت آهي. شير شاھہ جي هن اهم پڙاءُ ۾ ڪنهن دور ۾ پنج کوھہ هوندا هئا، جن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهي 17 صدي ۾ هتي ترسندڙ قافلن لاءِ کوٽيا ويا هئا. جن مان هڪ کوھہ اڃا بہ موجود آهي. کوهن سان لڳ هڪ چبوتري واري پراڻي مسجد بہ هئي. 1960ع ۾ ان جي جاءِ تي هاڻوڪي مسجد اڏي ويئي آهي. 1951ع ۾ جڏهن سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ (سائيٽ) ٺهيو تہ سنڌ حڪومت 4600 ايڪڙ زمين صنعتي زون لاءِ الاٽ ڪئي،. جنهن ۾ گلٻائي، ليبر اسڪوائر، باواني چالي، حسن اوليا وليج، شير شاھہ ڪالوني ۽ ميٽروول شامل هئا. هن ۾ هاڻوڪي شير شاھہ ڪالوني جو رقبو 277 ايڪڙن تي ٻڌل محمدي روڊ کان مورڙو ڳوٺ تائين آهي. انگريز سرڪار سروي وقت درگاھہ ۽ هن سان لڳ زمين سيد صالح شاھہ کي شير شاھہ جي درگاھہ کان مورڙو ڳوٺ تائين وارو علائقو الاٽ ڪيو هو. جنهن جا ڪاغذ ۽ سرٽيفڪيٽ اڄ بہ انهن جي اولاد مان سيد شير شاھہ وٽ موجود آهن. جڏهن سيد صالح شاھہ جي پٽ سيد اميد علي شاھہ مورڙي ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مورڙي ڳوٺ جي رهواسين عدالت جو در کڙڪايو ۽ انگريزن جي ڏنل سرٽيفڪيٽ جي آڌار تي مورڙي ڳوٺ وارن ڪيس کٽيو. سيد صالح شاھہ واري زمين 1950ع ۾ لياقت علي خان 99 سالن جي مالڪاڻي ليز تي بمبئي جي هڪ واپاري سيد رضا حسين ترمذيءَ کي الاٽ ڪئي. سيد رضا حسين ترمذي انهيءَ زمين تي بعد ۾ پلاٽنگ ڪري هندستان مان آيل مهاجرن کي وڪرو ڪئي. صالح شاھہ عدالت جو در کڙڪايو ۽ ڪيس اڃا تائين هلندڙ آهي ۽ صالح شاھہ جي اها زمين جيڪا هن کي مالڪاڻي حق تي مليل هئي، هن وقت وڏي ڪالوني جي صورت ۾ ٺھي وئي آهي.
اهو ڪيس هاڻي صالح شاھہ جي اولاد ۽ سٽي حڪومت جي وچ ۾هلندڙ آهي. شير شاھہ ۾ 28 مختلف مسلڪن جا مدرسا، 26 رجسٽرڊ سماجي تنظيمون، چار خيراتي اسپتالون ۽ هڪ ٿاڻو آهي، جيڪو 1991ع ۾ قائم ڪيو ويو. صدارتي اوارڊ حاصل ڪندڙ خدا بخش لاسي بہ انهيءَ علائقي جو رهندڙ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو