شير شاهه سوري

شير شاهه سوري

شير شاھہ سوري

شير شاھہ سوري: افغان بادشاھہ، شير شاھہ سوري 1485ع ڌاري ڄائو. هن جو اصل نالو فريد خان هو. سندس والد حسن خان، سڪندر لوڌيءَ جي دؤر ۾ جوڌپور جي گورنر جمال خان جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. گورنر جمال خان کيس بِهار ۾ سهسرام جي جاگير عطا ڪئي. والد جي وفات کانپوءِ شير شاھہ اُن جاگير جو وارث ٿيو. هن بابر جي دؤر ۾ هڪ ڀيرو تلوار سان شينهن ماريو، جنهن ڪري شير خان جو خطاب مليس. اڳتي هلي بابر جي درٻار سان وابستہ ٿيو ۽ مغلن جي چال چلت ۽ جنگي تنظيم جو مشاهدو ڪندو رهيو ۽ لِڪي لِڪي افغانين کي منظم ڪري هڪ قوت بڻايائين. جڏهن همايون بادشاھہ ٿيو تہ هن سندس ڪمزورين مان فائدو وٺندي بنگال ۽ بِهار تي قبضو ڪيو. چوسه ۽ قنوج ويجهو لڙائي ٿي، همايون شڪست کائي ايران ڀڄي ويو ۽ شير خانشير شاھہ‘ جو لقب اختيار ڪري هندستان جو بادشاھہ بڻيو. هن پنھنجي حاڪميت دوران هر حڪومتي شعبي ۽ محڪمي جو انتظام اعلى درجي تي پھچايو. زمين جي ماپ جا منصفاڻا قاعدا ٺاهيا ۽ هارين کي سندن اپت جو حصو نقد ماليت يا جنس جي شڪل ۾ ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني. هر علائقي ۾ عملدار مقرر ڪري علائقي ۾ مڪمل اَمن ڪرايو. اچ وڃ جا رستا محفوظ ٿيا. زراعت ۽ واپار کي ترقي ملي. مذهب، قوم، قبيلي ۽ فرقي کي مڪمل آزادي ملي. توڏر مل جيڪو اڳتي هلي اڪبر جي نون رتن ۾ شامل ٿيو، پهرين شير شاھہ سوريءَ جي ماتحت وڏي عهدي تي پهتو هو. هن پنھنجي عھد ۾ کوھہ کوٽايا، مندر ۽ مسجدون ٺهرايون، ٽپال جون چوڪيون قائم ڪيون، رستن جي ٻنهي پاسي وڻ پوکايا. سندس دؤر مڪمل اَمن امان وارو دور هو. سندس ٺهرايل ٽي رستا (هن وقت موٽر وي) اڄ تائين پنجن صدين کان استعمال ۾ آهن. پهريون رستو بنگال کان پشاور جي ٽي روڊ يا جرنيلي روڊ، ٻيو لاهور کان مُلتان تائين، ٽيون دهليءَ کان راجپوتانا تائين هئا. جھلم ويجهو روهتاس جو قلعو سندس يادگار آهي. 1545ع ۾ شير شاھہ جي ڪابخر جي راجا سان لڙائي ٿي رهي هئي تہ بارود جي ڍير تي هڪ گولو ڪري پيو ۽ ڦاٽي پيو، جنهن سان شير شاھہ بُري طرح زخمي ٿيو. ٻئي ڏينهن کيس ڪابخر جي قلعي فتح ٿيڻ بابت خوشخبري ملي. هن 22 مئي 1545ع تي وفات ڪئي.


لفظ شير شاھہ سوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1545.05.22  عيسوي

شير شاهه سوري 1485ع ڌاري ڄائو.22 مئي 1545ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حُرمت شيدڻ
پرهياڙ مير محمد
ڄام مدد علي (سياستدان)
ڄام بابينو
سيده شهلا رضا
حمزہ علوي
شاھہ حسن مرزا ارغون
شيخ ارشاد
حڪيم حسين سيوهاڻي
حڪيم حبيب ﷲ بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون