شير محمد خان

شير محمد خان: ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ جڏهن ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ۽ سندس ڀاءُ ميان محمد عطر خان جي وچ ۾ حڪومتي تڪرار شروع ٿيو، تڏهن اهو تڪرار جنگ جي نوبت تائين وڃي پهتو. نتيجو اهو نڪتو، جو حڪومت ڪجهہ عرصي لاءِ ميان محمد عطر جي حوالي ٿي وئي. اڳتي هلي سنڌ جا امير ۽ وزير محمد عطر خان مان گهڻو بيزار ٿي پيا ۽ هنن سڀني ڳجهيءَ طرح ميان غلام شاھہ جي خدمت ۾ وفاداريءَ جا عهدناما موڪلي، هلي اچڻ لاءِ عرض ڪيو. اهو ڏسي ميان غلام شاھہ لشڪر تيار ڪيو ۽ هن شير محمد خان کي، جيڪو وڏو بھادر ۽ جنگجو هو، ۽ جنگي فن جو چڱيءَ طرح واقف هو، چڱيون پگهارون ڏئي پاڻ وٽ رکيو ۽ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. رستي ۾ روهڙيءَ کان اڳتي خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي ۽ اختيار خان مدواڻيءَ مقابلو ڪيو، پر ٻنهي کي شير محمد خان جي بهادري ۽ دليريءَ سبب ميان غلام شاھہ فتح حاصل ڪري سنڌ جو حاڪم بڻيو.


لفظ شير محمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو