شير محمد خان بجاراڻي: خانبهادر سردار مير شير محمد خان ولد ڪرم خان بجاراڻي پنھنجي وقت جو ناليوارو سردار ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. کيس انگريز سرڪار طرفان مئجسٽريٽ جا اختيار مليل هئا. 1919ع ۾ باهمي ڪائونسل جي سيٽ لاءِ اليڪشن ۾ حصو ورتائين، جنهن ۾ سوڀارو ٿيو. نامور اديب پير حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ هڪ دفعي يورپي آفيسر (ڪرڪ) سکر جو سيشن جج ۽ ان وقت جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٽانٽن شڪار ڪري واپس وڃي رهيا هئا تہ رستي ۾ ڪنهن نامعلوم شخص سندن موٽر تي گولي فائر ڪئي. گوليءَ جو ڌڪ تہ ڪنهن کي بہ ڪو نہ لڳو پر گوليءَ جو فقط ڇٽڻ ئي سرڪاري رعب لاءِ ڪافي چئلينج جو سبب بڻيو. سڄي جيڪب آباد ضلعي اندر ٿرٿلو مچي ويو، هر طرح سان جاچ ڪئي وئي، پر اصلي ڏوهاريءَ جو ڪو پتو نہ پيو. آخر ۾ سرڪاري دٻدٻي کي برقرار رکڻ خاطر فيصلو ڪيو ويو تہ ان ضلعي جي مکيہ ماڻهو يعني سردار شير محمد خان کي ‘فرنٽيئر ريگوليشن’ هيٺ گرفتار ڪري ڪجهہ ڏينهن لاءِ جيل ۾ رکيو وڃي، جيئن عام ماڻهو سمجهن تہ انگريزن جو دٻدٻو اڃا بدستور قائم آهي. انگريز سرڪار جي حڪم تي سردار مير شير محمد خان کي گرفتار ڪري سکر جيل ڏانهن اماڻيو پئي ويو تہ راڄ جا ماڻهو تمام وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪري آيا. سردار صرف اشارو ڪيو تہ ڪجهہ نہ ڪريو.
ان مان انگريز سرڪار کي سندس طاقت جي خبر پئجي وئي. کيس سکر جيل ۾ ڪجهہ ڏينهن لاءِ قيد ڪيو ويو. سندس عوامي اثر کي ڏسندي انگريز سرڪار کي وڌيڪ سخت ٿيڻو پيو. وڏي ڪوشش کانپوءِ پاڻ آزاد ٿيو.
سردار شير محمد سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ تي محمد امين کوسي جي مقابلي ۾ بيٺو، پر کٽي نہ سگهيو. هن 1939ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڪرم خان بجاراڻيءَ جي قبرستان ۾ آهي.