شير محمد خان نائچ

شير محمد خان نائچ: شير محمد نائچ جو جنم 1783ع ڌاري ڳوٺ نائچ، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هيءُ نائچ قبيلي جو سردار ٿي گذريو آهي. سندس زمينداري قنبر- شهدادڪوٽ، ميرو خان ۽ وارھہ جي تعلقن ۾ مشھور هئي. 1783ع ۾ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر پنھنجي خاص جرنيلن کي زمينون جاگير طور ڏنيون. انهن ۾ خان نائچ'>شير محمد خان نائچ جا وڏا بہ شامل هئا. شير محمد نائچ جي ڏاڏي ارباب لاکيڏني کي بہ موجودہ قنبر- شھدادڪوٽ ۾ زمينون جاگير طور مليون، جتي نائچ قبيلي طاقت حاصل ڪئي. سردار شير محمد نائچ کي پنھنجي قبيلي جي سرداري 1825ع ڌاري ملي. سندس ڏينهن ۾ ارباب لاکيڏني جي پونئرن ۾ ملڪيت ورهائي وئي. ملڪيت جي ورهاست تان ڦڏو فساد بہ ٿيو، پر مير سهراب خان ٽالپر وچ ۾ اچي ٻنهي ڌرين ۾ٺاھہ ڪرايو. مير سهراب خان ٽالپر جي مھر سان جاري ٿيل هڪ اهڙي دستاويزي لکت سندن پونئرن وٽ اڄ بہ موجود آهي. سردار خان نائچ'>شير محمد خان نائچ پنھنجي دور جو انصاف پسند ۽ نهايت وفادار زميندار هو. وٽس مختلف راڄن/قبيلن جا ماڻهو فيصلن لاءِ ايندا هئا، هو سڀني سان سھڻي سلوڪ ۽ رواداريءَ سان هلندو هو ۽ حقدارن سان انصاف ڪندو هو. هيءُ لوڪلبورڊ قنبر جو ڪيترو وقت ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو. سردار شير محمد خان اٽڪل 65 سالن جي عمر ۾1848ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آهي


لفظ شير محمد خان نائچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو