شير محمد خان ٻگهيو: مير سهراب خان جي خيرپور ميرس ۾حڪومت جو بنياد وجهڻ بعد خيرپور رياست جو سڀ کان پهريون وزيراعظم خان ٻگهيو'>شير محمد خان ٻگهيو منتخب ٿيو. هي هڪ وڏو مدبر شخص ٿي گذريو آهي. سندس ايامڪاريءَ ۾ خيرپور رياست جا افغانستان سان تمام سٺا تعلقات هئا. شير محمد خان، شاھہ شجاع الملڪ جي وقائع نگار مرزا عطا محمد ٻگهيي شڪارپوريءَ جو سڳو مامو هو. عطا محمد خان ٻگهيي هڪ تفصيلي تاريخ ‘تاريخ تازہ نواءِ معارڪ’ جي نالي سان لکي، جنهن ۾ ڪلهوڙن، ٽالپرن، پٺاڻن ۽ انگريزن جو ذڪر آهي. ان کان سواءِ نادر شاھہ افشار، مدد خان پٺاڻ ۽ شاھہ شجاع جي سنڌ تي ڪيل ظلمن ۽ زيادتين جو پڻ تفصيلي احوال موجود آهي.
شير محمد خان جي ٽالپرن توڙي افغانن جي درٻار ۾ وڏي عزت هئي. اڪثر ٽالپرن طرفان افغانن جي درٻار ۾ سفير ٿي ويندو هو. جڏهن افغانستان جي تخت تي شاھہ محمد خان ويٺو ۽ وزير فتح خان ٿيو، تڏهن بہ خيرپور جي ٽالپرن طرفان شير محمد خان ڪابل ڏانهن سفير ٿي ويو هو، هن جي وفات ۽ ڄمڻ جي تاريخ بابت تاريخ خاموش آهي.