شير محمد قريشي

شير محمد قريشي: شير محمد قريشي، آخوند محمد قاسم (1855ع-1881ع) جي دؤر جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. نامور محقق اياز قادريغزل جي اوسر'>سنڌي غزل جي اوسر’ ۾ لکي ٿو ته: ميان شير محمد قريشي جيڪب آباد جي سول ڪورٽ ۾ سرشيدار هو. هن جو وطن شڪارپور هو. پارسي ۽ سنڌي ٻنهي زبانن ۾ شاعري ڪندو هو. هن جا غزل ’مقدم القلوب‘ ۽ ’سنڌ سڌار‘ ۾ شايد ٿيندا هئا. شير محمد قريشيءَ جي شاعري مرزا عباس علي بيگ پنهنجي قلمي بياض ‘شاعران شيرين بيان’ ۾ ڏني آهي. شير محمد قريشي شاعريءَ ۾ ‘شائق’ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
پسي گل رخ ٿيو پاڻي، ٿي نرگس نظر سان فاني
هلي صورت جو لاثاني، جڏهن بستان ۾ آيو
هڻي ٿو ٻاڻ نيڻن جا، ڦٽي سينا ٿو ڪوپن جا
بهادر جنگ جو باني، جڏهن ميدان ۾ آيو.


لفظ شير محمد قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو