
شير محمد ٻرڙو
شير محمد ٻرڙو: شير محمد ٻرڙو عرف ماسٽر شيرل، سنڌ ۾ والي بال جو نامور رانديگر ٿي گذريو آهي. هن راند جي شروعات 1930ع کان ڪئي ۽ پنھنجي وقت جي مشھور رانديگرن ۾ شمار ٿيندو هو، جنهنڪري راند جي شوقينن وٽان خوب داد حاصل ڪيائين. سندس قد اٽڪل ڇھہ فوٽ هو. هن جي راند جو اهو ڪمال هو تہ جڏهن بہ بال نيٽ کان هڪ يا ٻہ فوٽ مٿي هوندو هو تہ هڪدم بجليءَ وانگر پنھنجي جاءِ تان اڳتي ٽپو ڏئي، والي هڻي، پوائنٽ حاصل ڪندو هو. مقابلي واري ٽيم مٿس ڪڏهن بہ پليسنگ نہ ڪئي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان ايڇ ايس ٽي استاد هو ۽ هيڊماستر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. هن 1949ع تائين راند کيڏي. آخري راند قربان والي بال ٽورنامينٽ ۾ کيڏي، سرسي حاصل ڪيائين. سندس راند جو نمونو ۽ اسٽروڪ جو اسٽائيل اعليٰ رانديگر وارو هو. هن 1990ع ڌاري وفات ڪئي.