شير موٽواڻي

شير موٽواڻي

شير موٽواڻي

شير موٽواڻي: ٽورنٽو (ڪئناڊا) ۾ رهندڙ سنڌي شير موٽواڻي پيشي جي لحاظ کان انجنيئر ۽ سامان ٺاهيندڙ هڪ ڪمپنيءَ جو صدر آهي. سندس گهر واري مينا، پرڏيھہ ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي جي سماجي توڙي ثقافتي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي ٿي. خود شير موٽواڻي بہ گذريل ڇھن سالن کان گرمندر بورڊ جو ۽ گذريل ڏهن سالن کان ٽورنٽو ۾ قائم سنڌي اسيوسيئيشن جو چيئرمين رهندو پيو اچي. هن جي سربراهي ۾ ٽورنٽو ۾ رهندڙ هندستان جي سنڌي هندن 1997ع ۾ ‘سنڌي سميلن’ نالي هڪ تنظيم جوڙي، جنهن ۾ هڪ هزار سنڌي گهراڻن شرڪت ڪئي. شير موٽواڻي ۽ سندس گهرواريءَ ٽورنٽو ۾ رهندي سنڌي ثقافت کي زندھہ رکڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪندا رهن ٿا.


لفظ شير موٽواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو