
ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احدي خان راڄپر، مڊل ڳوٺ ٻٻر وڏا جي سرڪاري مڊل اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، انٽر سائنس گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب، بي.ايس.سي (باٽني)، ايم.اي (سنڌي ادب) ۽ ايم. اي (انگريزي ادب) شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان حاصل ڪئي. ڊاڪٽر شير مهراڻي 2013ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ’شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات‘ جي عنوان تي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي رهنمائيءَ هيٺ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر شير مهراڻي لکڻ جي شروعات 1999ع ڌاري شاعريءَ سان ڪئي. هن شاعريءَ جي بنيادي سکيا پروفيسر دوست محمد راڄپر کان ورتي. هو ڪجهہ عرصو پاڪستان ايئر فورس ۾ ملازم رهيو. هن 2014ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هو هن امتحان ۾ سموري سنڌ اندر پهريون نمبر آيو هو. ڊاڪٽر شير مهراڻي 2015ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. پي. ايڇ. ڊي هئڻ ڪري کيس اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ڪيو ويو. هو ڳچ عرصو شعبي جو اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر پڻ رهيو. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪيترن ئي ادارن سان مختلف حيثيتن ۾ سلهاڙيل رهيو، جن ۾: ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي بينظيرآباد جي سنڌي ٻولي ۽ ادب واري شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو رڪن، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جو رڪن، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جو رڪن ۽ قليچ چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو رڪن ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. هو مختلف تحقيقي جرنلس جي ايڊيٽوريل بورڊ جو پڻ حصو رهيو آهي. شير مهراڻي ڪيترو عرصو ماهوار ’سوجهري‘ رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي خبرن واري شعبي ۾ ’نيوز ٽرانسليٽر‘ ۽ ’نيوز ڪاسٽر‘ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب ۽ ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات‘ (2013ع)، ’شاھہ لطيف جو جديد اڀياس‘ (2014ع)، ’جماليات: تنقيدي جائزو (2016ع)، ’تاپسي‘ (ناول: اردو مان ترجمو، 2019ع)، ’درد جو معراج‘ (ڊاڪٽر شهناز شوري جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو، 2019ع)، ’sons of the soil‘ (منصور ٿلهي جي ڪتاب ’مٽي ۽ مهاڻا‘ جو انگريزي ترجمو، 2019ع)، ’پوئٽڪس‘ (ارسطو جي ڪتاب Poetics جو سنڌي ترجمو، 2020ع(، شاھہ لطيف جي شاعري تي انگريزي ڪتاب ’Bequest of Bhittia‘ (2020ع)، ’راڄپر جي رمز‘ (سگهڙ قادر بخش راڄپر جو ڪلام، 2020ع)، ’لطيفيات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو‘ (2023ع)، ’سارتر جي آتم ڪٿا‘ (انگريزي مان ترجمو، 2025ع) قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي مختلف موضوعن تي چاليهه کان مٿي تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس نگرانيءَ ۾ چار اسڪالر پي ايڇ. ڊي ۽ 15 اسڪالر ايم. فل ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترائي اسڪالر اڃا تحقيق ڪري رهيا آهن. کيس اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد پاران 2013ع ۾ شاھہ لطيف تصوف ايواڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران 2014ع جو بھترين تحقيق جو ايوارڊ، ثقافت کاتي پاران 2018ع جو شاھہ لطيف ايوارڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران بهترين ترجمي جو ايوارڊ 2019ع، شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ، گلوبل سي. ايس. آر ايوارڊ 2021ع ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي 13 جنوري 2026ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ چيئرمئن طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي.
1980.03.01 عيسوي
اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.