شيشو
شيشو (Glass): اڄڪلهه جي دَور ۾ شيشو يا ڪائو روزمرهه جي استعمال ۾ نهايت اهم ٿي پيو آهي. صبح جو آرسيءَ آڏو بيهي سوڌ سنوار ڪرڻ، توڙي شيشي مان ٺهيل ٿانو، ڪوپ، گلاس، بسڪوٽ، مرچ مسالا، آچار، کنڊ ۽ ٻين شين رکڻ کان سواءِ درن، درين، ڪٻٽن، موٽر ڪارين ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف شيشا، ٽي ويءَ، ڪمپيوٽر، ٿرماميٽر، بلب ۽ سيل فون وغيره ۾ به شيشو مختلف شڪلين ۾ ڪتب اچي ٿو. ٻين لفظن ۾ ته شيشو اسان جي زندگيءَ جو هڪ اهم حصو ٿي پيو آهي جيڪو هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان موجود آهي. شيشو هڪ غير نامياتي، نهرو، شفاف، سخت، ٽاڪڻو مادو، گرميءَ سرديءَ، مينهن، اس ۽ هوا جي سٽ سهي سگهندڙ ته ڪيترن مختلف رنگن ۽ چٽن جو به ٿئي ٿو.
شيشو ٺاهڻ سکڻ کان اڳ ۾ انسان قدرتي شيشو، جنهن کي حجرالسج (obsidian) سڏجي ٿو، استعمال ڪندڙ هو، جيڪو اصل ۾ ٻرندڙ جبل مان حاصل ڪيو ويندو هو. قديم دور ۾ ان مان ڪپ، ڪاتيون، تيرن جا منهن، ڳهه ڳٺا ۽ سڪا ٺاهيا ويندا هيا. قديم روم جي هڪ تاريخدان پلنيءَ (Pliny) چواڻي ته اهي فونيشين (Phoenician) وڻجارا (جن کي تاج صحرائيءَ پڻي لوڪ سڏيو آهي) هئا، جن سڀ کان اڳ ۾ شام جي علائقي ۾ 5000 ق.م ۾ شيشو ٺاهيو. جڏهن ته قديم آثارن مان ملندڙن شاهدين مطابق انسان جو ٺهيل پهريون شيشو اوڀر ميسوپوٽاميا ۽ مصر ۾ 3500 ق.م ۾ تيار ڪيو ويو ۽ شيشي جا پهريان ٿانو اٽڪل 1500 ق.م ۾ مصر ۽ ميسوپوٽاميا ۾ ٺاهيا ويا. ان کان پوءِ ايندڙ 300 سالن تائين شيشي جي صنعت تيزي سان وڌندي رهي پر پوءِ گھٽجڻ شروع ٿي. 700 ق.م ۾ ان، ميسوپوٽاميا ۽ 500 ق.م دوران مصر ۾ وري زور ورتو. ايندڙ 500 سالن تائين مصر، شام ۽ ڀونوچ سمنڊ جي اڀرندي سامونڊي ڪناري جا ملڪ شيشي ٺاهڻ جا مرڪز رهيا.
شروعات ۾ شيشي ٺاهڻ جو طريقو گھڻو ڏکيو ۽ ڍلو هوندو هيو. اڳ ۾ شيشو پگهرائيندڙ بٺيون ننڍڙيون هونديون هيون، جن جي باهه مشڪل سان شيشي کي پگهرائي سگهندي هئي. پوءِ پهرين صديءَ ق.م ۾ شامي ڪاريگرن ڦوڪ واري ڌنوڻ يا بِلو پائيپ (blow pipe) ايجاد ڪيو ته اها انقلابي تبديلي ثابت ٿي، جنهن سبب شيشو ٺاهڻ سولو، تڪڙو ۽ سستو ٿي پيو. رومي سلطنت ۾ شيشي ٺاهڻ جي ڪم ايترو ته زور ورتو، جو اها اٽليءَ کان انهن سڀني ملڪن تائين پکڙجي وئي، جتي سلطنت جي حڪمراني هئي. 1000ع ۾ مصر جو اسڪندريا شهر شيشي ٺاهڻ جو هڪ تمام اهم مرڪز هوندو هو. سڄي يورپ ۾ چرچن ۽ ڪليسائن ۾ عاليشان چٽيل شيشا هڻڻ جو فن پنهنجي اوج کي رسيو. 13 ۽ 14 صدي ۾ چرچن جا بهترين شيشا تيار ٿيڻ لڳا. جڏهن ته هڪ دلچسپ سوال هي به آهي ته آخر شيشو ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن ٺاهيو وڃي ٿو؟
اصل ۾ شيشو، واريءَ ۽ ڪيترن ڌاتن جي ملاوت سان ٺهي ٿو جن کي تمام گھڻيءَ گرمي پد تي پگهرائي هڪ اهڙو مادو ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو فائبر آپٽڪس سميت بيشمار استعمالن ۾ اچي ٿو. اڄ انسان، شيشي ٺاهڻ جو ڪمال جو ڪاريگر آهي جنهن سبب ڪيترن مختلف قسمن ۽ لامحدود رنگن جا شيشا ٺاهي سگهي ٿو. ڪيميائي لحاظ کان اصل ۾ شيشو پاڻيٺ جھڙو ٿئي ٿو پر روم ٽمپريچر تي ايترو ته چيڙهالو ٿئي ٿو جو ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ ۾ نهرو لڳي ٿو. گھڻي گرمي پد تي شيشو آهستي آهستي نرم ۽ وڌيڪ پاڻيٺي ٿي وڃي ٿو. شيشي جي ان ئي خاصيت سبب اهو اوتي، پرٽي، ڦوڪي، ڀيڙي، ورائي وغيره ڪنهن به روپ ۾ آڻي سگهجي ٿو.
جديد شيشي ٺاهڻ جا بنيادي وکر:
خالص سليڪا (pure silica): جديد شيشي ٺاهڻ لاءِ 70 کان 74 سيڪڙو نج سليڪا استعمال ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته قديم دور ۾ ان جو 90 سيڪڙو استعمال ڪيو ويندو هو. جيئن ته، ان وکر جو ڳرڻ پد گهڻو مٿاهون اٽڪل 2000 ڊگريون سينٽي گريڊ يا 3600 ڊگريون فارنهائيٽ ٿئي ٿو، ان سبب ڪيميادانن ان جو ڳرڻ پد گھٽائڻ لاءِ ان ۾ ڪن قسمن جا ٻيا وکر ملائڻ شروع ڪيا، خاص طور تي سوڊيم ڪاربونيٽ (sodium carbonate). خالص سليڪا مان ٺهيل شيشي جي هڪ خاصيت اها به ٿئي ٿي ته اهو الٽراوايوليٽ ڪرڻن کي مڪمل طور تي روڪي ڇڏي ٿو جڏهن ته اڄ جي جديد دور جو 70 کان 72 سيڪڙي سليڪا واري شيشي ۾ اهڙي خوبي نه ٿي ٿئي.
سوڊيم ڪاربونيٽ (sodium bicarbonate): اڄ جي جديد شيشي جو سوڊيم ڪاربونيٽ هڪ اهم وکر ٿئي ٿو جيڪو سليڪا جي ڳرڻ پد کي اثرائتي طرح سان 1200 ڊگرين سينٽي گريڊ تائين گھٽائي ڇڏي ٿو. جڏهن ته اهو شيشي کي پاڻيءَ ۾ ڳرڻ جهڙو ڪري ڇڏي ٿو. جنهن کان شيشي کي بچائڻ ۽ ان جي ڪيميائي طاقت وڌائڻ لاءِ چن (lime)، ميگنيشم آڪسائيڊ (magnesium oxide) ۽ اليومينيم آڪسائيڊ (aluminum oxide) ملائي وڃي ٿي. اڄ جي جديد شيشي ۾ چن جو 90 سيڪڙو ملايو وڃي ٿو. ان کان سواءِ شيشي ۾ ليڊ آڪسائيڊ (lead oxide)، بئريم (barium)، لئنٿينم آڪسائيڊ (lanthanum oxide) ملائڻ سان شيشي جي ريفريڪٽو انڊيڪس (refractive index) وڌي وڃي ٿي، جنهنڪري عينڪن ۽ ڪاون جي استعمال ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مناسب ٿئي ٿو. ماضيءَ ۾ ٿوريم آڪسائيڊ (thorium oxide) به ان مقصد لاءِ ڪتب آندو ويندو هو, پر جيئن ته منجهس تابڪاريت ٿئي ٿي. ان ڪري ان جو استعمال آهستي آهستي گھٽائي ختم ڪيو ويو. شيشي جي ملاوت ۾ هوا جا ڦوڪڻا پيدا نه ٿيڻ لاءِ منجهس سوڊيم سلفيٽ (sodium sulfate)، سوڊيم ڪلورائيڊ (sodium chloride) يا انٽيمني آڪسائيڊ (antimony oxide) ملائي وڃي ٿي. جڏهن ته لوهه (iron) ملائڻ سان شيشي جي انفراريڊ شعاعن جذب ڪرڻ جي طاقت وڌي وڃي ٿي. اڄڪلهه هن قسم جا شيشا فلمن ڏسڻ جي پراجيڪٽرن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا ته سيريم آڪسائيڊ (cerium oxide) ملائڻ سان شيشي جي الٽراوايوليٽ ڪرڻن جذب ڪرڻ خاصيت وڌي وڃي ٿي. پائريڪس (Pyrex) شيشن ۾ مکيه وکر طور بورون آڪسائيڊ (boron oxide) ملائڻ سان شيشو ايترو ته مضبوط ٿي وڃي ٿو، جو اها شيشي کي گرميءَ سبب انگهڻ، ڏرڻ يا جھٽڪن کان محفوظ رکي ٿي، ان سبب رڌ پچاءَ، بصري ڪارجن ۽ ري ايجنٽ شيشين لاءِ هن قسم جو شيشو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ڪنهن به قسم جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ شيشو، پنهنجيءَ مرضيءَ جي خاصيتن مطابق ٺاهي سگهجي ٿو. ان لحاظ کان شيشو ڪيترن قسمن جو مختلف طبعي ۽ ڪيميائي خاصيتن وارو ٿئي ٿو. ڪيترن مخصوص ڪمن لاءِ جھڙوڪ: ڪيميائي ۽ دوائن، بجليءَ ۽ اليڪٽرانڪ جي صنعت ۽ ڏسڻ پسڻ جي اوزارن ۽ مشينن لاءِ هڪ نئين قسم جو سيرامڪ شيشو (glass ceramic) به ٺاهي سگهجي ٿو.
شيشو هڪ دفعو ٽٽي يا ڀڄي ڀري پوي، تڏهن به ان کي مڪمل طور تي ڪيترائي دفعا ٻيهر استعمال ڪري (recycle) منجهانئس نئون شيشو ٺاهي سگهجي ٿو ۽ اهڙي نئين ٺهندڙ شيشي جي معيار، طاقت ۽ ڪم تي ڪو به اثر نه ٿو پوي.