شيطان ابوالجنان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب طالب الموليٰ جو تاليف ڪيل آهي، جنهن ۾ شيطان بابت مختلف عالمن ۽ اديبن جي ‘الوحيد’ رسالي ۾ شايع ٿيل مضمونن کي ترتيب ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي فهرست ۾ شامل مضمونن ۽ مصنفن ۾: شيطان (سيد غلام شاھہ ملازم لطيفي)، شيطان جي متعلق شرعي تحقيق (مولوي محمد صاحب بن غلام احمد صاحب)، شيطان (مولوي عبدالحق)، شيطان (حڪيم مولوي محمد صبغت ﷲ)، حقيقت شيطان (مولانا فضل احمد غزنوي)، شيطان (فولاد فقير صوفي القادري)، سوانح شيطان(فقير روشن الدين صوفي القادري)، شيطان ڇا آهي؟ (الحاج پير شاھہ نواز عارف الموليٰ)، شيطان (جي ايم سيد)، شيطان (رجب علي محمد علي نقاش)، شيطان واري سوال جو جواب (صالح محمد شاھہ)، شيطان (محمد هاشم لعل محمد)، شيطان (محمد سليمان)، شيطان (غلام جعفر عرف محمد عمر)، شيطان (قاضي عبدالرزاق)، شيطان (قاضي عبدالرزاق)، شيطان (محبوب علي خلف مرحوم/ غلام سرور قريشي هالائي)، شيطان (نياز فتح پوري: از ڪتاب ‘من و يزدان’)، ابليسيت (سيد ابو سعيد بزمي، ازڪتاب ‘انقلابات عالم’)، قصهء عزازيل (ازڪتاب ‘قصص الانبياءَ’)، شيطان (از مثنوي مولانا روم)، ابليس جو فرمان (علامہ اقبال، از ‘ضرب ڪليم’)، پنھنجي سياسي فرزندن جي نالي (علامہ اقبال، از ‘بال جبريل’)، ابليس جي عرضداشت (علامہ اقبال)، جبريل و ابليس (علامہ اقبال)، ابليس ناري و ابليس خاڪي (علامہ اقبال، از ‘ارمغانِ حجاز’)، ابليس جي مجلس شوريٰ، شيطان نمبر 2 جي ماهيت (طالب الموليٰ) شامل آهن. هن ڪتاب جو پيش لفظ خود مؤلف مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو لکيل آهي، جڏهن تہ ابتدا ۾ مقدمو غلام محمد گراميءَ لکيو آهي. ڪتاب جو انتساب ‘اسرار فقير عرف شيطان فقير’ جي نالي ڪيل آهي. هي ڪتاب خير محمد حاجي سليمان نظاماڻي، آفتاب اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1951ع ڌاري ڇپيو ۽ احمد نبي بخش شيخ، آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد مان پڌرو ڪيو ويو. ڪرائون سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو اٺ آنا ڄاڻايل آهي.