شيطان جو مريد (ڪتاب): قصن تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور ليکڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ايڪيھہ باب آهن، جن ۾: جادوءَ جو قلعو، ڊورا، عجيب مسافر، مُئي جو جيئرو ٿيڻ، وير وٺڻ جو ارادو، ٻئي ڀيري جي ملاقات، سفيد ٻيٽ، بئينڪا لنڊنيءَ جي تاريخ، شادي، مارگريٽ جو قصو، شاديءَ جو ڳجهہ، خوفناڪ ڊينورز، بادشاھہ هندي، آرلائن جو احوال، شيطان ۽ ڊينورز، ڊينورز جو هٿرادو ڀائٽيو، لنڊنيءَ جي پڇاڙي، زاهد شخص، ڊولو روزا جو احوال، مريم ۽ ڊينورز جي پڇاڙي شامل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 124 صفحا شامل آهن. هن ڪتاب جو سر ورق نہ آهي. هي ڪتاب سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ آهي.