شيطان 1

شيطان 1: شيطان جي لفظي معنى ناپاڪ، پليت، اندر جو ڪارو، ضدي، هٺيلو، تڙيل، سرڪشي ڪندڙ، مخالفت ڪندڙ وغيرہ آهي. عربي ٻوليءَ ۾ شيطان نانگ جي هڪ قسم کي بہ چوندا آهن، جيڪو نهايت سرڪش ۽ گندو هوندو آهي. جيئن تہ ابليس بہ سرڪشي ۽ هٺ ڏيکاريو ۽ تعالى جي حڪم جي مخالفت ڪيائين، تنهنڪري ان جو نالو شيطان رکيو ويو. ‘ڪشاف اصلاحات الفنون’ جو مصنف لکي ٿو تہ شيطان ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪڙا اهي، جيڪي جنن کي گمراھہ ڪن ٿا، تن کي ‘شياطين الجن’ سڏبو آهي. ٻيا اهي، جيڪي انسانن کي گمراھہ ڪن ٿا، تن کي ‘شياطين الانس’ چئجي ٿو.
روايتن مان پتو پوي ٿو تہ ابليس هڪ ملائڪن جي ٽولي مان هو، جنهن کي ‘الجن’ چون ٿا ۽ اهو جنت جي خزانچين مان پڻ هو. ابليس جو نالو عزازيل هو، تعالى ان کي سھڻي اخلاق ۽ شرف سان نوازيو هو. آسماني جهانن جي عملداري سندس حوالي هئي، عبادت ۽ تعالى جي پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ بہ هو ٻين ملائڪن کان مٿيرو هو، پر تعالى جي حڪم نہ مڃڻ ۽ وڏائي ڏيکارڻ جي ڪري تعالى جي درٻار مان تڙجي شيطان جو لقب ورتائين، جنهن جا ٽي وڏا ڪارڻ هئا: (1) عبادت ۽ پرهيزگاريءَ تي غرور ڪرڻ، (2) سٺي عهدي ۽ اڳواڻيءَ تي ناز، (3) پاڪ جي حڪم تحت آدم عليہ السلام کي سجدي کان نابري.
قرآن شريف ۾ شيطان جو لفظ ۽ ان جو ذڪر بديءَ جي هڪ وڏي طاقت طور ٿيو آهي، جيڪا ازل کان وٺي آدم کي گمراھہ ڪرڻ جي پٺيان لڳل آهي. شيطان آدم جي عظمت جو پڻ انڪاري آهي. روايت موجب اهو حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت مان ڪڍائڻ جو بہ سبب بڻيو. منافقن جي گمراھہ ڪندڙ اڳواڻن کي بہ قرآن مجيد ۾ شياطين (شيطان جو جمع) چيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو